
مقررن پاران ٻارن سان زيادتي خلاف خاموشي ٽوڙڻ ۽ کليل ڳالهه ٻولهه شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور: ٻارن کي سٺي ۽ خراب ڇُهاءَ بابت ڄاڻ ڏيڻ ضروري آھي ته جيئن ھو غيراخلاقي ڇُهاءَ جا شڪار نه ٿي سگھن: مقررن جو سنڌ يونيورسٽي ۾ سيمينار کي خطاب
ڄامشورو (پ ر) مقررن چيو آهي ته ٻارن سان زيادتي جو صدمو متاثرن جي زندگيءَ تي ھميشہ لاءِ جسماني ۽ ذهني زخم ڇڏيندو آهي، جڏهن ته ان بابت سماجي خاموشي سندن تڪليفن کي وڌيڪ گهرو بڻائي ٿي. ٻارن سان زيادتي خلاف خاموشي ٽوڙڻ ۽ کليل ڳالهه ٻولهه شروع ڪرڻ جي ضرورت آھي. اھڙو اظھار ھنن ڪالھ ھتي سينٽر فار رورل ڊولپمينٽ پاران پروفيسر سجاد ذڪريا ھال ۾ “ٻارن سان زيادتي” جي سري ھيٺ منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سماجي ڪارڪن شاهجهان ميمڻ پنهنجي تقرير ۾ زور ڀريو ته ٻارن سان زيادتي خلاف گڏيل سماجي عمل جي ضرورت آھي ۽ اھڙن مڃيل سماجي ريتن رسمن کي ختم ڪرڻ گھرجي، جنھن تحت ٻارن سان زيادتين تي معاشري ۾ ماڻھو خاموش رھن ٿا. ھن چيو ته سماج اڃا تائين ٻارن سان زيادتي جي سنگيني کي سنجيدگيءَ سان نٿو وٺي، نتيجي ۾ ڪيترائي متاثر سڄي زندگي درد ۽ اذيت ۾ گذارين ٿا. ھن چيو ته ٻارن سان زيادتي خلاف جنگ گهرن مان والدين جي تربيت سان شروع ٿيڻ گهرجي. ھن وڌيڪ چيو ته والدين، استادن، سماج ۽ حڪومت کي گڏجي ھن مسئلي کي کليل دل سان منهن ڏيڻو پوندو. ھن چيو ته ٻار سان زيادتي ڪرڻ ڏوھ آهي، پر ان تي خاموش رهڻ يا متاثر تي الزام مڙھڻ ان کان به وڏو ڏوھ آهي. سماجي ڪارڪن تانيا شاهجهان پنهنجي تقرير ۾ چيو ته والدين کي گهرجي ته پنهنجن ٻارن سان کليل ڳالهه ٻولهه ڪن ۽ کين اهڙو علم ۽ اعتماد ڏين، جو ھو پاڻ کي محفوظ سمجھندي تحفظ ڏئي سگهن. ھن چيو تہ معاشري ۾ ٻار هميشه محفوظ ناهن، اڪثر ڪري زيادتي ڪندڙ قريب مائٽن، ويجھن سڃاڻپ وارن يا خانداني دوستن مان ڪو هوندو آهي، ڪيترن ئي مطالعن مان پڻ اهو ثابت ٿيو آهي. ھن وڌيڪ چيو ته ٻارن کي سٺي ۽ خراب ڇُهاءَ (ڇُهڻ) بابت ڄاڻ ڏيڻ ضروري آھي ته جيئن ھو غيراخلاقي ڇُهاءَ جا شڪار ٿيڻ کان بچي سگھن. پروگرام جي آخر ۾ سينٽر فار رورل ڊولپمينٽ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر راشد اي کھڙو استقبالي تقرير ۾ چيو ته سندس سينٽر هميشه سماج جي اهم ۽ تڪليف ڏيندڙ مسئلن تي مباحثا ۽ سيمينار منعقد ڪري تعميري گفتگو کي هٿي ڏئي رھيو آھي. ھن چيو ته سماج جي هر طبقي ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ئي اهڙن مسئلن جو موثر حل آهي ۽ اڄوڪو سيمينار ان سلسلي ۾ هڪ مثبت قدم آهي. ھن سي آر ڊي سي جي استادن ۽ شاگردن جي ڪوششن کي ساراهيو. سيمينار ۾ مشهور ناول نگار ڪليم ٻٽ، شعيب علي، آزادي چانڊيو ۽ عائشه خان سميت وڏي انگ ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪري مباحثي ۾ حصو ورتو.


