
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)
ٺٽي ۾ لاقانونيت ۽ بدامني انتها تي پهچي وئي 24 ڪلاڪن اندر ٺٽي جي مين قومي شاهراھ لڳ ڦر ۽ ڌاڙي جون 3 وارداتون، سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هٿياربندن کي کلي عام هٿيار ڏيکاري ڦر ڪندي ظاهر ٿيڻ باوجود پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو ٺٽي لڳ سجاول روڊ تي ليبر ڪالوني ويجهو چپل جي دڪان تان هٿياربند 75هزار روپيه روڪ 2 موبائيل فون ۽ هڪ ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا چپل جي دڪان تان ٿيل ڦر واردات جا سي ٽي وي نيشنل پريس ڪلب ٺٽو جي ٽيم کي هٿ اچي ويا جڏهن ته هٿياربندن ان کان اڳ شاهجهان جامع مسجد لڳ مين قومي شاهراه ڀرسان غلام بهراڻي جي جنرل اسٽور دڪان جا تالا ٽوڙي لکين روپيه روڪ ۽ قيمتي سامان کڻي ويا ٻن نوجوان انيل ڪمار ۽ وقار سولنگي کان سي ڊي موٽر سائيڪل ڦورو ڦر ڪري ويا ٺٽي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ واڌ باوجود پوليس ڪنھن به ڏوھ جي واردات ۾ نه ڪنھن جوابدار کي گرفتار ڪري سگهي ۽ نه ئي ڪو ڪيس داخل ڪري سگهي شھرين ۾ ڳڻتي ڇانيل
Load/Hide Comments


