حيدرآباد ۾ قانون جي شاگردياڻي قتل، ڀاءُ زخمي، جوابدار پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو


حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي ۾ جوابدار فائرنگ ڪري قانون جي شاگردياڻيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو

جوابدار ارشاد کوکر لا جي اسٽوڊنٽ يسريٰ کي قتل ڪرڻ بعد پنهنجي مٿان فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ شاگردياڻيءَ جو ڀاءُ آڪاش زخمي ٿي پيو

شاگردياڻي يسريٰ ڀاءُ سان گڏ موٽرسائيڪل تي وڃي رهي هئي ته جوابدار ارشاد کوکر ڪار مان لهي کين روڪي مٿن فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ شاگردياڻي قتل ٿي وئي ۽ سندس ڀاءُ زخمي ٿي پيو

وليس جو چوڻ آهي ته زخمي ٿيل آڪاش پٺاڻ کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته شاگردياڻي جو لاش به اسپتال منتقل ڪي ويو، پواقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي

TAGSbreaking_news

اپنا تبصرہ بھیجیں