
ٺٽو(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)
گذريل ڪجھ ڏينهن کان ٺٽي ۽ ڀرپاسي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي ڏوهن ۾ ملوث ڏوهارين جي بين الصوبائي گروھ کي ٺٽي ۽ ملير ضلعن جي پوليس برسٽ ڪري 6 کان مٿي ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي مدد سان پوليس مقابلي بعد گرفتار ٿيل جوابدارن ٺٽي ملير ۽ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪيش رقم موٽر سائيڪلون ۽ موبائيلون ڦُر ڪرڻ سميت سنگين ڏوهن ۾ ملوث ھجڻ جو اعتراف ڪري ورتو ٺٽي ضلعي اندر وڌندڙ ڏوهي وارداتن کانپوء ايس ايس پي ٺٽو پاران سي آئي اي پوليس ٺٽو کي ڏنل ٽاسڪ کانپوء ٺٽي ۽ ملير جي پوليس ڏوهارين جي نيٽورڪ جو پتو لڳائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي 2 هفتا اڳ ٺٽي جي فقير جو ڳوٺ روڊ تي چئن هٿياربندن پاران ٻن نوجوانن کان موٽر سائيڪل جي ڦُر ۽ ٺٽي لڳ ليبر ڪالوني ڀرسان صاحبزادا پٺاڻ جي چپل جي دڪان تي




چڙھائي ڪري روڪ رقم ۽ هڪ ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ واري واردات ۾ ملوث ڦورن جو هٿ آيل سي سي ٽي وي ڪئميرائن ذريعي پتو لڳايو ويو پوليس موجب ٺٽي ضلعي جي پوليس ابتدائي طور ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري جاچ جو دائرو وسيع ڪيو جنھن تي ڏوهارين جي بين الصوبائي گروھ سان تعلق هجڻ جو انڪشاف سامهون آيو آھي ٺٽو پوليس پاران گرفتار ڪيل ٻن جوابدارن جي نشاندهي تي اسٽيل ٽائون ملير ۽ سي آئي اي پوليس ٺٽو ڪارروايون ڪندي چئن مُک جوابدارن لاڙڪاڻي واسي عبدالرسول عرف ڀائو جتوئي، محمد پناھ خروس جتوئي ۽ ٺٽي واسي گمشاد پنهور ۽ حُسين پنهور کي پوليس مقابلن بعد گرفتار ڪري ورتو ٺٽي جي ڦُرجي ويل فريادي صاحبزاده پٺاڻ اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي پهچي سندس واردات ۾ چئن ئي جوابدارن جي ملوث ھجڻ جي تصديق ڪندي سندن سڃاڻپ ڪري ورتي ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران خان موجب مذڪوره گينگ جي ٻن کان وڌيڪ ٻين جوابدارن جي گرفتاري بعد جاچ هلندڙ آھي ڏوهارين جو تعلق ٺٽو شاھ لطيف ٽائون لاڙڪاڻو ۽ بلوچستان سان آھي سندن رهيل ساٿين جي گرفتارين لاء ڇاپا هنيا پيا وڃن ٺٽي ملير ۽ ڪراچي ۾ مذڪوره گينگ سنگين قسم جي ڏوهي وارداتن ۾ ملوث رهيو آھي


