
“پوليو خلاف ٻه ڦڙا – هر ٻار، هر ڀيري” سنڌ يونيورسٽي پاران پوليو جي عالمي ڏھاڙي جي مناسبت سان آرٽ نمائش ۽ جاڳرتا ريلي جو اهتمام: پوليو جو خاتمو انسانيت جي خدمت جو مشن آهي، جنهن لاءِ گڏيل عزم ۽ مستقل ڪوششن جي ضرورت آهي، والدين باقاعدگيءَ سان ٽڪا لڳرائي ٻارن کي مستقل معذوري کان بچائي سگھن ٿا، سنڌ يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالستار شاھ، لاڙڪاڻو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ، ڊاڪٽر محمد خان سانگي، ڊاڪٽر مشتاق ڄاريڪو ۽ ٻين جو تقريب کي خطاب
ڄامشورو(پ ر) پوليو جي خاتمي واري عالمي ڏھاڙي جي مناسبت سان پوليو کان بچاءَ جي اهميت کي اُجاگر ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائن ۾ آرٽ نمائش ۽ جاڳرتا ريلي منعقد ڪئي وئي. آرٽ نمائش جو گڏيل افتتاح سنڌ يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه، لاڙڪاڻي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ، سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، فيڪلٽي آف آرٽس جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر محمد خان سانگي، روٽري ڪلب حيدرآباد مھراڻ شاخ جي عمران خان، مختيارڪار ڪوٽڙي فيروز احمد برفت ۽ انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائن جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سعيد منگي ۽ ٻين ڪيو. نمائش ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان تيار ڪيل تصويرون ۽ پورٽريٽ رکيا ويا. نمائش جي افتتاح کان اڳ پوليو جي خاتمي بابت جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي، جڏهن ته پوليو خلاف عالمي جدوجهد تي ٻڌل ڊاڪيومينٽري پڻ ڏيکاري وئي. تقريب ۾ مهمانن شاگردن جي تخليقي صلاحيتن جي ساراهه ڪئي ۽ بصري فن جي ذريعي سماجي شعور کي وڌائڻ ۾ سندن ڪردار کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو. ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌ يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه چيو ته پوليو جو خاتمو انسانيت جي خدمت جو مشن آهي، جنهن لاءِ گڏيل عزم ۽ مستقل ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته باقاعدي ٽڪا لڳرائڻ ٻارن کي مستقل معذوري کان بچائڻ لاءِ لازمي آهي. هن وڌيڪ چيو ته يونيورسٽين کي گهرجي ته نوجوانن کي آگاهي مهمن ۾ شامل ڪري سماجي ذميواري جو احساس وڌائين. لاڙڪاڻي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان اڃا انهن ملڪن مان آهي، جتي پوليو مڪمل ختم ناهي ٿيو، تنهنڪري عوامي سهڪار کانسواءِ هن هدف کي حاصل نٿو ڪري سگهجي. هن والدين تي زور ڀريو ته هو هر مهم ۾ پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا ضرور پيارائين. فيڪلٽي آف آرٽس جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر محمد خان سانگي چيو ته فن وٽ اها طاقت آهي جو اهو معاشري جي سوچ ۽ روين کي بدلائي سگهي ٿو. هن شاگردن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته اهي پنهنجي فن وسيلي هڪ اهم سماجي پيغام پهچائي رهيا آهن. رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو چيو ته شاگرد تبديلي جا سفير آهن ۽ انهن جي شرڪت صحت ۽ سماجي آگاهي کي بنيادي سطح تي وڌيڪ مضبوط بڻائي ٿي. هن چيو ته يونيورسٽين کي اهڙن سماجي مقصدن جي حمايت جاري رکڻ گهرجي. انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائن جي ڊائريڪٽر پروفيسر سعيد احمد منگي چيو ته انسٽيٽيوٽ هميشه شاگردن کي سماجي مسئلن کي فن وسيلي اجاگر ڪرڻ جي ترغيب ڏني آهي ۽ اهڙيون سرگرميون مستقبل ۾ به جاري رهنديون. تقريب ۾ روٽري ڪلب حيدرآباد جي مھراڻ برانچ جي عمران خان، مختيارڪار ڪوٽڙي فيروز احمد برفت، سريش ڪمار، نظر حسين، علي رضا رند، سرفراز ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. هنن حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پاڪستان کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ لاءِ نوجوانن، استادن ۽ ڪميونٽي جي سرگرم شرڪت تي زور ڏنو. آخر ۾ شرڪت ڪيل استادن، شاگردن ۽ منتظمين ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا ويا.
Load/Hide Comments


