پ پ پ جي چونڊيل ايم پي اي سيد رياض حسين شاه شيرازي چيو آهي ته نگران حڪومت جي دور ۾ ٺٽي ضلعي جي ڪوھستان جي ھزارين ايڪڙ زمين ڪوڙن کاتن عيوض ڀڳڙن مٺ وڪرو ڪئي وئي آهي

ٺٽو رپورٽ علي گوهر قمبراڻي
پ پ پ جي چونڊيل ايم پي اي سيد رياض حسين شاه شيرازي چيو آهي ته نگران حڪومت جي دور ۾ ٺٽي ضلعي جي ڪوھستان جي ھزارين ايڪڙ زمين ڪوڙن کاتن عيوض ڀڳڙن مٺ وڪرو ڪئي وئي آهي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه فورن نوٽيس وٺي انڪوائري ڪاميٽي جوڙي ڪوڙا کاتا رڌ ڪرائي مقامي ماڻهن ۾ ڦھليل بي چيني ختم ڪرائي اھڙن خيالن جا اظھار ھن پريس ڪلب ٺٽو ۾ ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو ھن ان موقعي تي صحافين کي دستاويزي ثبوت ڏيندي چيو ته قانوني طور اسسٽنٽ ڪمشنر تعلقن ۾ زمينن جي الاٽمينٽ ڪندو آھي پر ٺٽي جي ڊپٽي ڪمشنر پاڻ غير قانوني طور قبضا مافيا وارن سان ملي مقامي ماڻهن جون زمينون غير قانوني طور ڏئي وڏي ڀينگ ڪئي آھي اٽڪل 40 ڪلو ميٽرن ۾ اھي زمينون نوري آباد کان ايم نائين , انٽر چينج ، ڄامشورو تائين ڏنيون ويون آھن ان کان علاوه سندس شڪايت تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي احڪامن تي قائم ڪميٽيءَ جي رپورٽ تي اٽڪل ھڪ ھزار ايڪڙ زمينن جا 17 جوڊيشنل آرڊر رڌ ڪيا ويا ھئا اھي به نگران ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو بحال ڪري ڇڏيا آھن قبضا مافيا ھاڻ اتي باؤنڊري وال ڏياري مقامي ماڻهن کي لڏائڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آھن سيد رياض حسين شاه شيرازي چيو ته ڪنھن به مقامي ماڻھو جو کاتو نٿو ڪيو وڃي دڪان کليا پيا آھن جتي اگھ طئه ڪري مافيا کي نوازيو پيو وڃي ھن چيو ته منھنجو والد صاحب سيد اعجاز علي شاهه شيرازي ان مافيا جو مقابلو ڪيو آئون به پنهنجي والد جي نقش قدم تي ھلندي ضلعي جي ماڻھن ۽ انھن جي حقن جو تحفظ ڪندس،
ھن ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان مطالبو ڪيو ته فوري طور قبضا مافيا جا قبضا بلڊوز ڪيا وڃن
ڪوڙا کاتا رڌ ڪري ملوث عملدارن تي سخت قدم کنيو وڃي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاس ڪيل ٺهراءُ جي روشنيءَ ۾ ضلعي جي 800 ڳوٺن کي فورن ريگيولر ڪرڻ جا احڪامات جاري ڪيا وڃن

اپنا تبصرہ بھیجیں