
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن طرفان سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ جي مان آجياڻو ڏئي تقريب ڪوٺائي وئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ايس يو پي جي صدر سيد زين شاھ چيو ته نئين مرضي سان حڪومت آڻن جو مقصد ڇا هيو، قدرتي وسيلا قاسم پورٽ اٿارٽي، اسٽيل مل ۽ وسيلا وفاقي حڪومت ۾ شامل ڪري آهستي آهستي انهن کي ختم ڪري سسٽم کي ڪمزو ڪيو ويو آهي، ڪمزور حڪمراني هن وقت سڀ ڪجھ وڃائي چڪي آهي ۽ زبردستي مڙهيل حڪومت تاريخ جو بدترين نظام لاڳو ڪري ملڪ کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي، جنهن جا قصور وار اهي ئي آهن، جيڪي ان ۾ حصيدار بڻيل آهن، جڏهن ته زرعي پاڻي هجي يا ايگريڪلچر جو مسئلو هجي، پر ملڪ جا وسيلا ئي ختم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ گذريل 70 سالن کان وٺي آباد سنڌ جي اصل وارثن کي اٿارٽي نه ٿي ڏني وڃي ۽ غير ملڪي کي اتي شيلٽر ڏنو ٿو وڃي، هاڻي ڪراچي پورٽ قاسم کي به 30 سالن جي ليز تي ڏنو ٿو وڃي، 
جڏهن ته غير قانوني طريقي سان رهندڙ کي آباد ڪيو ٿو وڃي، جنهن ۾ افغانين جا ته انبار آهن. سيد زين شاھ چيو ته ملڪ جي جاگرافي ۽ اسان جي سنڌي ٻولي کي به ٿريڊ ڪيو ويو آهي، هن جعلي حڪومت ملڪ ۾ ناانصافي جو راج مقرر ڪري ڇڏيو آهي، ايس يو پي هنن سان اڪيلي سر نه ٿي وڙهي سگهي، هن ڪرپٽ ۽ گندي نظام خلاف سڀني کي ٻاهر نڪرڻو پوندو، تبديلي صرف ملڪ جو عوام ئي آڻي سگهي ٿو،
اسان ته سڀني سان ملي ڪري زرداري جي گندي نظام کي ڀرپور جواب ڏئي رهيا آهيون، سچائي ۾ وڏي طاقت آهي، سمجهون ٿا ته هن ناڪاره نظام کي ختم ڪري ملڪ ۾ بهتري آڻينداسين، وقت جي فرون سان به سڄي ڪابينه گڏ هئي، پر کٽيو موسيٰ ئي هيو. ان موقعي تي صدر هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن غلام دستگير شاهاڻي، ڊسٽرڪٽ بار جو صدر حبيب الله غوري، روشن ٻرڙو، جڳديش آهوجه، محمود ڀٽو، ايڊووڪيٽ مجاهد علي جتوئي ۽ پڻ موجود هئا.


