
بدين ۾ ڪار حادثي ۾ شهيد فاضل راھو جي صاحبزادي ۽ صوبائي وزير يونيورسٽي اينڊ بورڊز اسماعيل راھو جي ھمشيرہ حسنہ راھو سميت 2 ماڻھو اجل جو شڪار ٿي ويا.
پوليس مطابق حادثو کورواھ چوڪ تي پيش آيو، جتي ٻہ گاڏيون ٽڪرائجي ويون. حادثي ۾ حسنہ راھو سميت 5 ماڻھو زخمي ٿي پيا.
حادثي جي سڀني زخمين کي تعلقہ اسپتال گولارڇي منتقل ڪيو ويو، بعد ۾ حسنہ راھو کي تشويشناڪ حالت ۾ ڪراچي جي پرائيويٽ اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي اھا زخمن جي تاب نه لاءندي اجل جو شڪار ٿي وئي.
حسنہ راھو سان گڏ حادثي جو ھڪ ٻيو زخمي پڻ اجل جو شڪار ٿي ويو.



