)سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن جي چيئرپرسن اقبال احمد ڏيٿو چيو آهي ته پاڪستان جي آئين ۾ عوام کي صحت جو حق ڏنو ويو آهي،

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي)سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن جي چيئرپرسن اقبال احمد ڏيٿو چيو آهي ته پاڪستان جي آئين ۾ عوام کي صحت جو حق ڏنو ويو آهي، جنهن کي بنيادي طور تي پاليسي جو اصول چيو ويندو آهي. هن چيو ته آرٽيڪل 38 ڊي تحت رياست عوام کي صحت جو حق ڏيندي، اسان جي ڪوشس آھي تہ ٻين بنيادي حقن وانگر صحت جي بنيادي حقن کي بہ تصور ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سول اسپتال ٺٽي جي دوري دوران ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن جي قانوني صلاحڪار بئريسٽر رڌا، سپرنٽينڊنٽ شڪايتون، انڪوائري ۽ پاڻ مُرادو نوٽيس ظهير حسين پڻ ساڻس گڏ هئا. ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن جي چيئرپرسن اقبال احمد ڏيٿو وڌيڪ چيو ته مختلف وصول ٿيندڙ شڪايتن جن ۾ پوليس، سول انتظاميا، ميونسپل اٿارٽيز، صحت ۽ ٻيون شڪايتن کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي جيلن ۽ اسپتالن جو دورو ڪري سھولتن ۽ ٻين مسئلن جو جائزو ورتو پيو وڃي تہ جيئن اعليٰ اختيارين کي سفارشون موڪلي صحت ۽ ٻين مسئلن جي حل کي يقيني بڻائي سگهجي. ان کان اڳ هن سول اسپتال جي ايمرجنسي، ٿيليسيميا سينٽر، ڊائلسز سينٽر، ڏندن، ٻارڙن جي نرسري، هيپاٽائيٽس ۽ زچگي وارڊن سميت مختلف شعبن جو دورو ڪري سھولتن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هن مريضن ۽ سندن خدمتگارن کان طبي سهولتن ۽ ٻين مسئلن بابت پڻ ڄاڻ ورتي. ان موقعي تي ريجنل مئنيجر مرف ملڪ آدم، سول سرجن ڊاڪٽر گيانچند، انچارج ايمرجنسي وارڊ ڊاڪٽر سرور احمد شيخ ۽ ٻين عملدارن سهولتن، درپيش مسئلن ۽ ٻين ضرورتن بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني. ان موقعي تي عوام پاران انتظارگاھ جي کوٽ، ٽراما سينٽر جي اڏاوت ۾ غير معمولي دير، ٿيليسيميا جي مريضن لاءِ قائم ڪيل بلڊ بئنڪ ڪيترن ئي ڏينهن کان غير فعال هجڻ، ٿيليسيميا جي مريضن لاءِ رت جو عطيو نه ملڻ، دوائن جي کوٽ، ٻارڙن لاءِ قائم ڪيل انڪيوبيٽر سينٽر لاءِ بجلي جي فراهمي ۾ رڪاوٽ سميت ڪيتريون ئي شڪايتون ڪيون ويون، جن جي حل لاءِ چيئرمين سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن موقعي تي ئي موجود آفيسرن کي فوري هدايتون جاري ڪيون ۽ لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ انرجي ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري کي اسپتال کي سولر سسٽم تي منتقل ڪرڻ لاءِ سفارش پڻ ڪئي وئي جڏھن تہ بلڊ بئنڪ کي فوري طور تي فعال بڻائڻ لاءِ انڊس اسپتال ۽ صحت کاتي سان رابطو ڪري مستقل حل لاءِ زور ڏنو ويو. هن سول اسپتال انتظاميه کي هدايت ڪئي ته مريضن کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي وڃي. بعد ۾ سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن جي چيئرپرسن اقبال احمد ڏيٿو ايس ايس پي عديل حسين چانڊيو سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪري مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي ايس ايس پي جو چوڻ هو ته ٺٽو سنڌ جي ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ پرامن ضلعو آهي، هتي ڏوهن جي شرح تمام گهٽ آهي جڏهن ته گٽڪا، ماوا ۽ ٻي منشيات جي روڪٿام لاءِ پوليس جي ڪارروائي تيزيءَ سان جاري آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪافي حد تائين گهٽتائي آئي آھي ۽ ان سلسلي ۾ ڪيترن ئي منشيات فروشن ۽ گٽڪا، ماوا فيڪٽري مالڪن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. بعد ۾ سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن جي چيئرپرسن ايس ايس پي سان گڏ سيف سٽي سي سي ٽي وي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر ۽ وومين اينڊ چلڊرن پروٽيڪشن انسٽيٽيوٽ جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هن عورتن ۽ ٻارن جي تحفظ جي حوالي سان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته هن اداري کي پائيدار بڻائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. ان کان اڳ سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن جي چيئرمين اقبال احمد ڏيٿو وي ڪيئر هائوس مڪلي ۾ سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ملاقات ڪئي جتي پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، ڳوٺن ۾ طبي سهولتن جي کوٽ ۽ منشيات جي روڪٿام سميت ٻين مسئلن بابت شڪايتون ڪيون ويون، جنهن تي ھُن سمورين شڪايتن جي حل جو يقين پڻ ڏياريو۔

اپنا تبصرہ بھیجیں