ٺٽو(ڊر) ڪجھ ڏينھن اڳ ڪراچي ۾ بيدردي سان قتل ٿي ويل پورھيت اميربخش شورو جي ڪيترن ئي وارثن پاران حقيقي قاتلن کي گرفتار ڪري گڏاپ سٽي ٿاڻي تي داخل ايف آئی آر ۾ شامل ڪري کين انصاف فراھم ڪرڻ لاء ھڪ احتجاجي مظاھرو ٺٽي ۾ مقتول اميربخش شورو جي ڀاء بابو شورو ڪراچي ناگوري جي رھواسي پرويز عرف پرو عرف اسلم کوسو ۽ ٻين سان گڏ احتجاج ڪندي بابو شورو چيو تہ ھڪ ھفتو اڳ 4 سيپٽمبر تي سندس ڀاء امير بخش شورو جو لاش ڪراچي پوليس کي بحريا ٽائون ڪراچي وٽان مليو ھو، جنھن لاوارث ڄاڻائي لاش ايدھي وارن حوالي ڪري ڇڏيو، جن لاش مواڇ ڳوٺ ڪراچي واري قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو، جنھن بعد 9 سيپٽمبر تي سندس وڏو ڀاء سومار شورو ڀاء سان ملڻ لاء ناگوري ڪراچي مال جي واڙي تي پھتو، جتي کيس خبر پئي تہ سندس ڀاء اميربخش شورو کي نامعلوم ماڻھن کيس اغوا ڪرڻ بعد کيس بيدردي سان قتل ڪري سندس لاش بحريا ٽائون ڪراچي وٽ اڇلائي ڇڏيو ھو، جيڪو لاش گڏاپ ٽائون پوليس ڪراچي ھٿ آيو ھو، ڪراچي پوليس لاش کي ضروري ڪاروائي بعد لاوارث ڄاڻائي ايدھي وارن حوالي ڪري ڇڏيو ھو، جنھن بعد ايدھي ڪراچي وارن سندس ڀاء کي لاوارث ڄاڻائي مواڇ ڳوٺ ڪراچي جي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو ھو، جنھن بعد اسان گڏاپ سٽي ٿاڻي تي پھچي پوليس کي سموري صورتحال کان واقف ڪري کانئن بہ ڄاڻ حاصل ڪري منھنجي ڀاء سومار شورو جي مدعيت تحت ڪيس نامعلوم ماڻھن تي گڏاپ سٽي ٿاڻي تي داخل ڪرايو، پر ھاڻي اسان سموري جانچ ڪرائي آھي تہ منھنجي ڀاء اميربخش شورو جي قتل ۾ اتان جا رھواسي الھبخش ڀڳٽي ۽ ساجد پالاري شامل آھن، جن ساڻن وڏو ظلم ڪري سندس ڀاء کي بيگناھ بيدردي سان قتل ڪري سندن گھر اجاڙي ڇڏيو اھي، بابو شورو چيو تہ اسان وڏين ڪوششن بعد لاش قبرڪشائي ڪرائي قبرستان مان ڪڍرائي مڪلي آڻي کيس ٻيھر مڪلي جي قبرستان ۾ دفنايو آھي، ھن چيو تہ ڪراچي گڏاپ سٽي پوليس پوسٽ مارٽم ڪرائي سموريون گھرجون پڻ پوريون ڪري ڇڏيون آھن. ھن چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ، آء جي سنڌ، ايس ايس پي ملير، ايس ايڇ او گڏاپ ٽائون کان مطالبو ڪيو تہ ساڻن انصاف ڪري سندس ڀاء جي قاتلن الھبخش ڀڳٽي ۽ سجاد پالاري کي گرفتار ڪري انھن کي ھن قتل ڪيس ۾ شامل ڪري سندس ڀاء جي خون سان انصاف ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪرڻ سان گڏ انصاف لاء عدالت ۾ وينداسين.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
https://sports.jeeveypakistan.com/Jeevey Pakistan Sports Website


