قوم جي مستقبل جي تعمير ۾ استاد ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا، سنڌ جي وزير بلديات، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ سيد ناصر حسين شاهه جو استادن جي عالمي ڏينهنِ تي پيغام

ڪراچي
مورخہ: 5 آڪٽوبر 2025

ڪراچي (5 آڪٽوبر 2025): صوبائي وزير بلديات، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ، سنڌ، سيد ناصر حسين شاهه عالمي ڏينهنِ استادن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته استاد قوم جي مستقبل جو معمار هوندو آهي، جيڪو علم، ڪردار ۽ شعور جي ذريعي نسلن کي سنوارڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿو. هن چيو ته ڪو به معاشرو تعليم کان سواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي، ۽ قومون استادن جي محنت، رهنمائي ۽ قربانين سان ڪاميابي ڏانهن وڌن ٿيون. هن وڌيڪ چيو استاد رڳو علم نٿو سيکاري، پر نظم و ضبط، ڪردار ۽ انسانيت به سيکاري ٿو، جيڪو سماج جي اخلاقي بنيادن کي مضبوط بڻائي ٿو.

سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت استادن جي مسئلن جي حل ۽ صوبي ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ سڀ ممڪن قدم کنيا آهن. هن زور ڀريو مضبوط تعليمي نظام هڪ مستحڪم ۽ باشعور سماج جي ضمانت آهي.

هن وڌيڪ چيو ته استادن جي عزت ۽ وقار کي يقيني بڻائڻ سڄي سماج جي گڏيل ذميواري آهي. سنڌ حڪومت استادن کي سڀني ضروري وسيلن ۽ سهولتن جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي، ته جيئن اهي پوري دل سان نئين نسل جي تعليم ۽ تربيت تي ڌيان ڏئي سگهن.

صوبائي وزير چيو ته عالمي ڏينهنِ استادن اسان کي ياد ڏياريندو آهي ته هر قوم جي ترقي استادن کان شروع ٿئي ٿي. هن چيو اسان کي نه رڳو انهن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ گهرجي، پر عملي طور تي انهن جي جائز مسئلن جي حل لاءِ به قدم کڻڻ گهرجن.

محمد شبيه صديقي
ڊائريڪٽر ميڊيا مينيجمينٽ
وزير بلديات، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ، سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں