
موهن جو دڙو( عاشق پٹھان)سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو تي انڊونيشيا جو ڪونسليٽ جنرل ڪراچي دورو ڪيو، موهن جي دڙي تي مقامي گائيڊ ارشاد سولنگي موهن جو دڙي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني،انڊونيشيا ڪونسل جنرل اسٽوپا،گريٽ باٿ ۽ ميوزيم سيمت ٻيا قديمي آثار گهمي ڏٺا،ان موقعي تي انڊونيشيا ڪونسليٽ جنرل ايري پوليوزي جو چوڻ ھو ته موهن جو دڙو تي اچي ڪري تمام مزو آيو،هن چيو ته ميوزيم تمام سٺي سينگاريل آھي،هن چيو ته هتان جي مقامي

گائيڊ ارشاد سولنگي موهن جو دڙو بابت تمام سٺي ڄاڻ ڏني،هن چيو ته موهن جو دڙو انتظاميه موهن جي دڙي جي پارڪن ۽ ميوزيم کي خوبصورت رکيو آھي،هن چيو ته مان دنيا جي سڀني ملڪن جي ماڻھن کي چوان ٿو ته اوهان موهن جو دڙو کي ڏسڻ لاء ھتي ايندا هن چيو ته موهن جي دڙي جي آثارن مان جيڪي قديمي شيون هٿ آيون آھن اهي ميوزيم ۾ پيل ڏٺيون آھن،جڏھن ته سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي.


