ماهره خان ڀارتي اداڪارا پروين بابي جو روپ ڌاري ورتو

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور اداڪارا ماهره خان ماضي جي مشهور ڀارتي اداڪارا پروين بابي کي منفرد انداز ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو.

ماهرا خان پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هوءَ بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا پروين بابي وانگر چمڪندڙ لباس، هيئر اسٽائل ۽ ميڪ اپ ۾ نظر اچي رهي آهي.

وڊيو ۾ ماهرا خان پروين بابي جي ڪم ۽ خوبصورتي جي به ساراهه ڪئي ۽ چيو ته هن پروين بابي کي پهريون ڀيرو ميگزين جي سرورق تي ڏٺو.

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں