
Raheema Panhwar
اڄ مونکي ملڪ جي نامور علمي شخصيت، پروفيسر ڊاڪٽر سيد جعفر احمد سان خيالن جي ڏي وٺ ۽ تفصيلي ڪچھري جو موقعو مليو، جنهن دوران اسان ڏکڻ ايشيا ۽ خاص طور تي پاڪستان ۾ عوام دوست ۽ عوامي حقن جي تحريڪن بابت غور ويچار ڪيو، جنهن ۾ جاري پاڻي جي حقن واري تحريڪ پڻ شامل آهي. اسان جي ڳالھ ٻولھ ۾ صوبن جي وچ ۾ گڏيل پاڻي جي وسيلن تي هم آهنگي جي اهميت ۽ سياسي پارٽين، سول سوسائٽي، وڪيلن ۽ مزدور يونينز جي ڪردار تي به روشني وڌي وئي، ته ڪيئن اهي عوامي آواز اٿارڻ ۽ بيانئي جو رخ طيء ڪرڻ ۾ مددگار ٿين ٿا. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي نئين ڪتاب بابت به تفصيل شيئر ڪيا، جيڪو هن مهرباني ڪري ٽي سي ايس ذريعي موڪلڻ جو واعدوپڻ ڪيو.


