
ڪراچي (27 سيپٽمبر): صوبي جي لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز کاتي جي ميڊيڪل ٽيم زخمي اُٺڻي چاندني جو ڪامياب آپريشن مڪمل ڪري ڇڏيو آهي۔ ميڊيڪل بورڊ جي تفصيلي رپورٽ سيڪريٽري ڪاظم جتوئي وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه کي پيش ڪئي آهي۔ رپورٽ موجب صالح پٽ ضلعي سکر مان آندل 18 مهينن جي اُٺڻي چاندني کي 19 سيپٽمبر تي سي ڊي آر ايس ۾ داخل ڪيو ويو هو۔ اُٺڻي جي ڄاڙي ۽ پٺئين ساڄي ٽنگ تي ڪلهاڙي جي وار سبب زخم ۽ فريڪچر هئا جڏهنته اُٺڻي ڪمزوريءَ جي حالت ۾ هئي۔ ميڊيڪل بورڊ 26 سيپٽمبر تي ٻه وڏا آپريشن ڪيا (1 )ڄاڙي جي هڏي کي بون پننگ ٽيڪنڪ وسيلي ٺيڪ ڪيو ويو۔ (2) پٺئين ساڄي ٽنگ جو آپريشن ڪري ان کي ڪٽيو ويو۔ ٽي ڪلاڪ ڊگهو آپريشن منجهند 1:25 کان 4:40 تائين جاري رهيو جيڪو مڪمل طور ڪامياب ۽ بنا رت وهي ڪيو ويو۔ سرجري ڊاڪٽر جاويد کوسو، ڊاڪٽر ذوالفقار حيدر اوٺو ۽ ڊاڪٽر محمد علي گوپانگ ڪئي جڏهنته اينستهيزيا ڊاڪٽر شالہ حيات ۽ ڊاڪٽر محمد علي اياز ڏنو۔ ميڊيڪل بورڊ مطابق اُٺڻي چاندني هاڻ خطري کان ٻاهر ۽ مڪمل هوش ۾ آهي۔ هوءَ ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ خوراڪ جي قابل ٿي ويندي ۽ ٽن کان پنج هفتن ۾ باقاعده کائڻ جي قابل ٿي ويندي۔ هن وقت ميڊيڪل ٽيم جي سڄي ڌيان چاندني جي صحت جي بحالي ۽ لڳاتار نگراني تي آهي۔ ميڊيڪل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چاندني جا ٻئي وڏا زخم ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ اُٺڻي هاڻ تيزيءَ سان صحتياب ٿي رهي آهي۔
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ
Load/Hide Comments


