پيپلزپارٽي سنڌ جي صوبائي صدر نثار احمد کھڙي سنڌو درياءُ تي ڪئنالن خلاف احتجاج جي ٻئي مرحلي ۾ تعلقي هيڊ ڪوارٽرن ۾ مشعل بردار ريلين ڪڍڻ جو اعلان

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي)
پيپلزپارٽي سنڌ جي صوبائي صدر نثار احمد کھڙي سنڌو درياءُ تي ڪئنالن خلاف احتجاج جي ٻئي مرحلي ۾ تعلقي هيڊ ڪوارٽرن ۾ مشعل بردار ريلين ڪڍڻ جو اعلان ڪندي چيو آھي ته 4 اپريل تي شھيد ڀُٽي جي ورسي واري جلسي کانپوء پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي سمورن ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرن ۾ ڪئنالن خلاف جلسا ڪندو ٺٽي لڳ دولھ درياءُ خان پل تي پيپلزپارٽي پاران ڪئنالن خلاف هنيل احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي نثار احمد کھڙي جي ڊي اي، فنڪشنل ليگ، لياقت جتوئي ۽ جلال محمود شاھ کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو تہ اُھي پرويز مشرف جي آمريت واري دور ۾ نه رڳو ان سان گڏ ھئا پر ڪالاباغ ڊيم واري خطرناڪ منصوبي خلاف جڏھن پيپلزپارٽي سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد آندي تہ لياقت جتوئي ۽ ان وقت جي اسپيڪر جلال محمد شاھ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ختم ڪري ڪالاباغ ڊيم واري معاملي تي اسان سان ۽ سنڌ سان گڏ نہ بيٺا پر پيپلزپارٽي هنگامي بنيادن تي سنڌ اسيمبلي ۾ اجلاس ڪري ڪالاباغ خلاف قرارداد پيش ڪئي. ھن چيو تہ شھيد راڻي بينظير ڀٽو ڪمون شھيد تي ڪالاباغ ڊيم خلاف ڌرڻو هڻي ان کي هميشہ لاء رد ڪرايو ان وقت شاباس هجي رسول بخش پليجو ۽ يوسف لغاري کي جن پيپلزپارٽي سان نڀائي سنڌ دشمن منصوبي ڪالاباغ کي رد ڪرايو نثار کھڙي چيو تہ هن وقت سنڌ اندر 70 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ هجڻ ڪري سنڌ سُڪي پئي درياءُ مان وارِي اُڏامي رهي آھي ته پوء درياءُ ۾ پاڻي ضايع ٿيڻ جو راڳ ڇو آلاپيو پيو وڃي سِويلين ۽ جمهوري حڪومتن جي ذميواري هجي ٿي تہ آئين تحت هلجي پر ڪئنالن واري معاملي تي جتي سِي ڊبليو پي ايڪنڪ ۽ گڏيل مفادن وارو ڪائونسل سي سي آئي موجود آھن تہ پوء انهن سمورن فورمن کي باء پاس ڪري من پسند ۽ يڪ طرفا فيصلا ڪيا پيا وڃن جيڪي ڪنھن به صورت ۾ سنڌ ۽ سنڌ جي نمائيندگي ڪندڙ پيپلزپارٽي کي قبول نہ آھن ھن وڌيڪ چيو تہ سنڌو درياءُ ۽ سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن جو هميشه پيپلزپارٽي مقابلو ڪيو آھي هينئر به ميدان عمل تي نڪتا آھيون پنجاب پنهنجي هوڏ تان نه لٿو ته ڪالاباغ ڊيم جيان تعلقي هيڊ ڪوارٽرن ۽ ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرن ۾ احتجاج کانپوء ڪمون شھيد ڌرڻي جو به فيصلو ڪرڻ تي دير نه ڪنداسين پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جلد حيدرآباد ۾ ڪئنالن خلاف هڪ وڏي احتجاجي جلسي کان پنهنجي تحريڪ جي شروعات ڪندو جنهن بعد سکر، ميرپورخاص، شھيد بينظير آباد ۽ لاڙڪاڻو ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرن ۾ پڻ بلاول ڀٽو زرداري جلسا ڪندو اسان واضع ٿا ڪريون ته اڄ مشرف يا آمريت وارو دور نہ آھي جو ٺڳي جو ٺاھ اسان تي مڙھيو ويندو، هاڻي پنهنجي ٻچن سنڌ جي مستقبل روزگار ۽ زرعي معيشيت توڙي درياءُ جي بقاءُ لاء ميدان ڪرڻ نڪتا آھيون
مونکي فخر آھي جو سنڌ جو هر مڪتب فڪر جو ماڻھو ڪئنالن ۽ پاڻي واري معاملي تي نڪتو آھي جيڪا اختلافن جي باوجود هڪ دفعو ٻيهر اپيل ٿو ڪيان ته اُھي هن معاملي تي ڇڙ وڇڙ احتجاجن بدران اسان سان گڏجي موثر تحريڪ جو حصو بڻجي وڃی اسان نه مزاق ڪرڻ نڪتا آھيون ۽ نه وري فوٽو سيشن لاء نڪتا آھيون هنن اهم اشوز تي مزاق جو وقت نه آھي سنڌ کي بچائڻ ۽ سنڌ تي حملي کي روڪڻ لاء ميدان عمل تي آھيون سنڌ هن وقت گرم آھي دنيا کي ڏيکارڻ چاهيون ٿا ته ٺٽي کان سنڌو درياءُ تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف تحريڪ جي باضابطه طور شروعات پيپلزپارٽي ڪري چڪي آھي. سنڌ جي عوام کي ياد هجڻ گهرجي جو ڪالاباغ ڊيم کانپوء پرويز مشرف جي دور ۾ گريٽر ٿل ڪئنال خلاف به پيپلزپارٽي ميدان تي آئي هئي جنھن وقت فنڪشنل ليگ وارا مشرف جي ڪڇ ۾ ويٺل هئا احتجاجي ڌرڻي کي پ پ پ ٺٽي جي ضلعي صدر ايم اين اي صادق علي ميمڻ، پ پ سجاول جي ضلعي صدر صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي، صوبائي وزير رياض شاھ شيرازي، ايم اين اي اياز شاھ شيرازي، ايم پي اي رخسانه شاھ بخاري، پيپلز يوٿ ونگ جي صوبائي صدر جاويد ناياب لغاري، حيدرآباد جي ڊويزنل جنرل سيڪريٽري سينيٽر دوست علي جيسر امتياز قريشي، اڳوڻو ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

اپنا تبصرہ بھیجیں