سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد جي خاص هدايتن تي اينٽي ٿيفٽ سيل پاڻي چورن جو گھرو تنگ ڪري ڇڏيو

پريس ريليز:-

ڪراچي:- ( ) سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد جي خاص هدايتن تي اينٽي ٿيفٽ سيل واٽر بورڊ پاڻي چورن جو گھرو تنگ ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ انچارج آپريشن اينٽي ٿيفٽ سيل عامر خان جي سربراهي ۾ گلشن اقبال عظيم ڳوٺ ۾ غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف ڪارروائي ڪندي هڪ ٽينڪر ۽ هڪ سمر پمپ ضبط ڪري ملوث جوابدارن خلاف مبينا ٽائون ٿاڻي تي 14A تحت ڪيس داخل ڪرائي ورتو، ترجمان واٽر بورڊ موجب چيف سيڪريٽري سنڌ جي حڪم تي سي اي او واٽر بورڊ پاران پاڻي چورن خلاف ڪارروائيون تيز ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن.

جاري ڪندڙ:- عبدالقادر شيخ
پبلڪ ريليشنز آفيسر (پي-آر-او)
ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ

اپنا تبصرہ بھیجیں