
ٺٽو (رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي):
ميرپور ساڪرو ۾ ٺٽي ضلعي جي معروف مذهبي اسڪالر علامه محمد يامين جماري جي والده ماجده جي ايصالِ ثواب لاءِ روحاني ۽ ديني محفل، دلبر سائين جو روح پرور خطاب، تفصيل موجب تحريڪ اصلاحِ اُمت پاڪستان جي سرپرست، مشهور عالمِ دين علامه مفتي محمد يامين جماري جي والده ماجده جي ايصالِ ثواب لاءِ ميرپور ساڪرو ڀرسان ڳوٺ محمد انور جماري ۾ هڪ ديني ۽ روحاني محفل منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي، سماجي، صحافتي ۽ مذهبي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. محفل جو آغاز تلاوت ۽ نعت شريف سان ٿيو، جنهن بعد مختلف معزز مهمانن خطاب ڪندي ايصالِ ثواب جي اهميت، والدين جي مقام ۽ اسلامي تعليمات تي روشني وڌي.


محفل کي مفتی صوفي فقير علي نواز خاصخيلي ،درگاهه عاليه ڪريم آباد خطاب ڪندي چيو ته والدين جي ايصالِ ثواب لاءِ ھن قسم جون روحاني محفلن جو اھتمام ڪرڻ، نه رڳو سندن روح کي راحت پهچائڻ جو ذريعو آهي، پر اھو اولاد جي لاءِ به برڪت جو سبب بڻجي ٿو. محفل کي اهلسنت جي عالم پير ڪرم الله الاهي المعروف دلبر سائين خطاب ڪندي چيو ته دنيا ۾ والدين الله جي عظيم نعمت آهن، جيئري انهن جي خدمت ۽ وفات بعد ايصالِ ثواب ذريعي انهن سان وفاداري جو ثبوت ڏنو ويندو آهي. جيڪو پنهنجن والدين لاءِ دعا ڪندو، الله پاڪ سندس نصيب سنواريندو. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي گهرجي ته نه فقط پنهنجي والدين لاءِ، پر سموري امتِ مسلمه جي بخشش لاءِ دعا گهرون، ڇو ته دعا ۽ نيڪ عملن جو ثواب پهچائڻ سان رب پاڪ جي رحمتون نازل ٿين ٿيون
محفل ۾ سياسي، سماجي ۽ صحافتي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته جماري خاندان پاران مهمانن جي آجيان ڪئي وئي. ميزبان طور علامه محمد يامين جماري سميت رئيس عبدالعزيز جماري، محمد اشرف جماري، حمزه خان جماري، محمود خان جماري، شمس الدين جماري، رحمت اسلم جماري، محمد عباس جماري، ۽ عبيد الله جماري خاص انتظام ڪيا. آخر ۾ پير شير محمد پتافي ڌاٻيجي وارن ۽ پير طريقت مفتي قاضي محمد احمد نعيمي جن جي دعا سان محفل جو اختتام ٿيو، جنهن ۾ والدين، امتِ مسلمه، ۽ ملڪ جي سلامتي لاءِ دعائون گهريون ويون. محفل کان پوءِ مهمانن جي ضيافت پڻ ڪئي وئي،


