حڪومت 2030 کان اڳ پوليو سميت سڀ حفاظتي ويڪسين ۾ خودڪفالت چاھي ٿي، سيد مصطفيٰ ڪمال

ڪراچي: وفاقي وزير نئشنل هيلٿ سروسز سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آھي ته حڪومت 2030 کان اڳ پوليو سميت سڀ حفاظتي ويڪسين ۾ نه صرف خودڪفيل ٿيڻ چاھي ٿي پر علائقي جي ويجھن ملڪن ڏانھن برآمد به ڪرڻ چاھي ٿي. ھن سلسلي ۾ سرڪاري ۽ نجي ادارن کي ڀرپور سپورٽ ڏني ويندي.

ھن چيو ته ملڪ ۾ ضروري حفاظتي ويڪسين جي 14 ڪروڙ کان 18 ڪروڙ خوراڪن جي ضرورت ھوندي آھي، جيڪا صلاحيت حاصل ڪرڻ ضروري آھي، پر سڀ کان اول عالمي ادارو صحت جي مقرر ڪيل معيار تي پورو لھڻو پوندو. ڊائو يونيورسٽي جي ويڪسين تيار ڪرڻ جي صلاحيت قابل قدر ۽ بهترين آھي.

ھن خيالن جو اظهار ھن ڊائو يونيورسٽي اوجھا ڪيمپس ۾ پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل جي ريجنل آفيس جي افتتاح، ڊائو انسٽيٽيوٽ آف لائف سائنسز ۽ ڊائو انسٽيٽيوٽ فار ايڊوانسڊ بايولاجيڪل اينڊ اينيميل ريسرچ جي دوري دوران ڪيو.

ان موقعي تي ڊائو يونيورسٽي جا رجسٽرار ڊاڪٽر اشعر آفاق، ڊائو انسٽيٽيوٽ آف لائف سائنسز جا ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سيد اظهار حسين، ڊائو انسٽيٽيوٽ فار ايڊوانسڊ بايولاجيڪل اينڊ اينيميل ريسرچ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر طلعت رومي، ناصر مغل، سيد خا ور مهدي، ڊاڪٽر قيصر وحيد ۽ ٻيا به موجود ھئا.

جمعي جي صبح وفاقي وزير سڀ کان اول ڊائو يونيورسٽي ۾ پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل جي ريجنل آفيس جي تختي جي نقاب ڪشائي ڪري ۽ ربن ڪٽي افتتاح ڪيو. بعد ۾ ھو ڊائو انسٽيٽيوٽ فار ايڊوانسڊ بايولاجيڪل اينڊ اينيميل ريسرچ پھتو، جتي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر طلعت رومي کيس ڀليڪار چيو ۽ ليبارٽري جو دورو ڪرايو.

سيد مصطفيٰ ڪمال خاص طور تي اينٽي وينم سيرا جي تياري جو معائنو ڪيو. ھن موقعي تي چيو ته عالمي ادارو صحت (WHO) جي پري-ڪواليفڪيشن ضروري آھي ته جيئن مستقبل ۾ گھٽجندڙ ويڪسين جي کوٽ کي پورو ڪري سگھجي.

ڊائو انسٽيٽيوٽ آف لائف سائنسز جي دوري دوران وفاقي وزير چيو ته مستقبل ۾ گھٽ ٿيندڙ فراهمي حڪومت لاءِ ھڪ وڏو چيلينج آھي، جنھن سان منهن ڏيڻ لاءِ سرڪاري ادارن سان گڏ نجي ادارن جي به مڪمل مدد ورتي ويندي.

ڊاڪٽر سيد اظهار حسين ٻڌايو ته ڊائو يونيورسٽي وٽ ھر قسم جي ويڪسين ايمپول ۽ وائل ۾ تيار ڪرڻ جي صلاحيت آھي. قومي ضرورت مطابق پيداوار وڌائڻ لاءِ ٻه مشينون وڌيڪ درآمد ڪيون پيون وڃن. حڪومت جي مدد سان بلڪ امپورٽ ۽ ٽيڪنالاجي ٽرانسفر ذريعي نه صرف قومي ضرورت پوري ڪري سگھجي ٿي پر ايڪسپورٽ به ممڪن بڻجي سگھي ٿي. عالمي ادارو صحت جي پري-ڪواليفڪيشن لاءِ ڪم اڳ ۾ ئي شروع ٿي چڪو آھي.

سيد مصطفيٰ ڪمال ڊائو انسٽيٽيوٽ آف لائف سائنسز جي واکاڻ ڪندي چيو ته ويڪسين جي درآمد تي پاڪستان جي لکين ڊالرن جي معاشي بوجھ کي گھٽائڻ لاءِ فوري ڪارروائي ضروري آھي.

اپنا تبصرہ بھیجیں