نامور تعليمي ماهر پروفيسر ڊاڪٽر امداد علي اسماعيلي جي اڄ ورسي ملهائي پئي وڃي. ڊاڪٽر اسماعيلي بدين ضلعي جي شهر تلھار ۾ ڄائو

نامور تعليمي ماهر پروفيسر ڊاڪٽر امداد علي اسماعيلي جي اڄ ورسي ملهائي پئي وڃي. ڊاڪٽر اسماعيلي بدين ضلعي جي شهر تلھار ۾ ڄائو. هن سنڌ يونيورسٽي مان اليڪٽرانڪس ۾ بي ايس سي ۽ ايم ايس سي جون ڊگريون حاصل ڪيون. بعد ۾ هن امپيريل ڪاليج لنڊن مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. ڊاڪٽر اسماعيلي پنهنجي پيشاوراڻي زندگيءَ جي شروعات پنهنجي ئي مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽيءَ مان بطور ليڪچرار ڪئي، جتان هو ترقي ڪندي ميريٽوريس پروفيسر جي مرتبي تي فائز ٿيو. ان سان گڏ هو انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي جو ڊائريڪٽر ۽ سنڌ يونيورسٽي جي ميرپورخاص ڪيمپس جو پرو وائيس چانسلر به رهيو. مصنوعي ذھانت، ڪمپيوٽر ويزن، اميج پروسيسنگ ۽ آء ٽي جي ميدانن ۾ سندس خدمتون بي مثال هيون. هو 3 نومبر 2020ع ۾ ڪورونا وائرس لڳڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو
3 Nov 2025

اپنا تبصرہ بھیجیں