**آمريڪا ۾ طوفاني بارشون ۽ سيلاب، هلاڪتن جو تعداد 48 ٿي وئي**

**آمريڪا ۾ طوفاني بارشون ۽ سيلاب، هلاڪتن جو تعداد 48 ٿي وئي**

آمريڪي رياست ٽيڪساس جي وچئين علائقن ۾ شديد بارشون ۽ بدترين سيلاب صورتحال آهي، مختلف حادثن ۾ هلاڪ ٿيل ماڻهن جو تعداد 48 تي پھچي ويو آهي.

خبر رسادن جي مطابق هلاڪ ٿيل ماڻهن ۾ 15 ٻار به شامل آهن جڏهن ته ڪيترائي ننڍيون ڇوڪريون اڃان لاپتہ آهن.

سيلاب جي ڪري مختلف علائقن ۾ ڪيترائي فٽ پاڻي جمع ٿي ويو آهي، گھر ۽ گاڏيون پاڻي ۾ ڊٻجي ويون آهن ۽ وڻن جي گرڻ سان رستا بند ٿي ويا آهن.

آمريڪي ميڊيا جي مطابق حڪام جو چوڻ آهي ته 90 منٽن ۾ 20 کان 26 فٽ پاڻي جمع ٿيڻ جي ڪري نقصان ٿيو آهي.

آمريڪي ميڊيا جي مطابق متاثرہ علائقن کان هيلڪاپٽرن جي ذريعي 850 ماڻهن کي بچايو ويو آهي.

ٻئي طرف حڪام وڌيڪ بارشن ۽ ان جي نتيجي ۾ دريائن ۾ سيلاب جي پيشگوئي ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته هي صورتحال ماحولي تبديلين جو نتيجو آهي.

رياست جي گورنر گريگ ايبيٽ هنگامي صورتحال جي دائرن کي ڪيترن ئي علائقن تائين وڌايو آهي ۽ صدر ٽرمپ کان وڌيڪ وفاقي امداد گهري آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں