پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي ۽ سنڌ جي اڳوڻي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال طرفان پنهنجي رهائشگاهه انور آباد سيال هائوس تي ميوزيڪل نائيٽ جو پروگرام ڪرايو ويو،


لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي ۽ سنڌ جي اڳوڻي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال طرفان پنهنجي رهائشگاهه انور آباد سيال هائوس تي ميوزيڪل نائيٽ جو پروگرام ڪرايو ويو، جنهن ۾ ايم پي اي عادل الطاف انڙ، ايم پي اي برهان خان چانڊيو، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر شرجيل نور چنه، چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۽ پي پي پي ضلعي لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري اعجاز احمد لغاري، سٽي صدر خير محمد شيخ، تعلقي باقراڻي جي صدر طارق انور سيال، لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صدر نويد لاڙڪ، نائب صدر مرتضيٰ ڪلهوڙو، جنرل سيڪريٽري عبدالقادر جاگيراڻي، جوائنٽ سيڪريٽري سلامت ابڙو، خزانچي منصور ابڙو، ايڊووڪيٽ شاهد اقبال سيال، دڙي ٽائون ٽائون جي چيئرمين شاهه رخ انور سيال، پ پ پ اڳواڻن اسد کرل، سيد رياض شاهه، غلام رسول ڇڄڙو، غلام قادر اهير، الطاف ملگاڻي، محسن مشوري، صفدر مٺاڻي، زوار جاويد مٺاڻي، عمران شيخ، پيپلز پارٽي سپاف ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر عبدالرحمان موريو، جنرل سيڪريٽري جبران جوکيو، محمد قاسم بروهي، اختر بلوچ سميت ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن توڙي مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پ پ پ اڳواڻ طارق انور سيال ۽ ٽائون چيئرمين شاهه رخ انور سيال پروگرام ۾ آيل مهمانن کي آجياڻو پيش ڪيو. پروگرام ۾ سنڌ جي ناليوارن فنڪارن ممتاز مولائي، فائزه علي، اصغر کوسو، فقير واحد بخش، ساجد فقير ۽ ٻين سر وکيري محفل ۾ ويٺل ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي طارق انور سيال چيو ته هي پروگرام ايم پي اي سردار سهيل انور سيال طرفان لاڙڪاڻي واسين سميت تڪ جي عوام کي تفريح مهيا ڪرڻ خاطر منعقد ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ شريڪ ٿيندڙ سڀني پارٽي اڳواڻن، ورڪرن توڙي عام شهرين کي اسين ڀليڪار ڪيو ٿا، جڏهن ته اسان اڳتي به ڪوشش ڪري اهڙا پروگرام منعقد ڪرائيندا رهنداسين.

اپنا تبصرہ بھیجیں