سنڌ حڪومت پاران امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ فلڊ اينڊ رين ايمرجنسي ٽيم صوبائي وزير اڪسائيز ايڊ نارڪوٽڪس مڪيش ڪمار چاولا ۽ ايم پي اي مير نادر خان مگسي، ڪنڌڪوٽ ٽوڙي بند پهچي امڪاني ٻوڏ ۽ پاڻي جي صورتحال جو جائزو ورتو

شير محمد باجڪاڻي
=============

سنڌ حڪومت پاران امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ فلڊ اينڊ رين ايمرجنسي ٽيم صوبائي وزير اڪسائيز ايڊ نارڪوٽڪس مڪيش ڪمار چاولا ۽ ايم پي اي مير نادر خان مگسي، ڪنڌڪوٽ ٽوڙي بند پهچي امڪاني ٻوڏ ۽ پاڻي جي صورتحال جو جائزو ورتو

صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي حڪمن تي اسان امڪاني ٻوڏ جي صورتحال ۽ پاڻي جو جائزو وٺڻ لاءِ پهتا آهيون.ايم پي مير نادرمگسي.

ان موقعي تي ايڪسيئين ٽوڙي بند امير بخش مهر بريفنگ ڏيندي چيو ته اڄ سيلابي ريلو پجند تي پهچي رهيو آهي جيڪو ٻن ڏينهن کان پوءِ گڊو بئراج پهچندو. ايريگيشن عملو 24 ڪلاڪ بندن تي موجود آهي اسان جا بند تمام مظبوط آهن ايندڙ امڪاني ٻوڏ جا پاڻي وهڪرا هتان آساني سان گذري ويندا.

ان موقعي تي ايم پي اي مير نادر خان مگسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي حڪمن تي اسان امڪاني ٻوڏ جي صورتحال ۽ پاڻي جو جائزو وٺڻ لاءِ پهتا آهيون.

پاڻي جي صورتحال فلحال ڪنٽرول ۾ آهي 6 کان 7 لک پاڻي پهچندو ۽ سنڌ حڪومت جي تياري مڪمل آهي.

ان موقعي تي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو امن امان جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاء قانون لاڳو ڪندڙ ادارا بندن تي موجود آهن بندن تي موجود عملي جي حفاظت ڪئي ويندي.

اپنا تبصرہ بھیجیں