صحت کاتي ٺٽو جي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر صفدر شاھ جي ڪوششن سان ٽائون ڊسپينسري (سٽي او پي ڊي ٺٽو) ۾ ٺٽي جي شھرين جي سهولت لاء جديد طرز تي ڊينٽل شعبو قائم ڪيو ويو آھي


ٺٽو(علي گوهر قمبراڻي) صحت کاتي ٺٽو جي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر صفدر شاھ جي ڪوششن سان ٽائون ڊسپينسري (سٽي او پي ڊي ٺٽو) ۾ ٺٽي جي شھرين جي سهولت لاء جديد طرز تي ڊينٽل شعبو قائم ڪيو ويو آھي جنهن ۾ سول اسپتال ٺٽو جي ڊينٽل شعبي ۾ ڪافي سالن تائين خدمتون سرانجام ڏيندڙ سينيئر ڊينٽل ٽيڪنيشن معشوق علي پنهور جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آھن، ٽائون ڊسپينسري ۾ قائم هن ڊينٽل شعبي ۾ معشوق علي پنھور پاران ڏندن جي هر قسم جي علاج صفائي توڙي اسڪيلنگ جو ڪم جديد اوزارن سان ڪيو پيو وڃي، ڇاڪاڻ جو ٺٽي شھر ۾ هن قسم جي سرڪاري جديد اوزارن سميت ڊينٽل شعبي جي سخت ضرورت هئي. اُميد ٿي ڪجي ته صحت جي ٻين شعبن تي به هن ڊينٽل شعبي جيان ڌيان ڏنو ويندو.
=============================

ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي جي علمي، ادبي شخصيتن، صحافين ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ سنڌوءُ تي 5 نوان ڊيم اڏڻ واري فيصلي کي رد ڪندي چيو آھي تہ پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻي کلي عام سنڌ دشمني ڪري رھي آھي، سنڌ جا ماڻھو ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ سنڌو تي 5 نون ڊيمن جي اڏاوت جي سخت مزاحمت ڪندو. ان سلسلي ۾ وفاق پاران ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ واري عمل توڙي سنڌو درياءُ تي ڪالاباغ ڊيم سميت 5 نوان ڊيم اڏڻ واري فيصلي خلاف ٺٽي جي علمي ادبي شخصيتن ۽ صحافين پاڻي ماھر ۽ ليکڪ انجنيئر اوڀايو خشڪ، ناليواري محقق ڊاڪٽر محمد علي مانجھي، ھندو پنچائت جي دريانو مل، سنڌي ادبي سنگت جي فقير اڪرم مڱڻھار، سماجي اڳواڻ نظير جاکرو، منصور جلالاڻي، ايوب ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٺٽي ۾ ھڪ احتجاجي مظاھرو ڪري ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف زوردار نعريبازي ڪندي چيو تہ ارسا ۾ ايڪٽ آڻي من پسند ميمبر مقرر ڪري سنڌ جي حِصي جي پاڻي تي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا، سنڌ جا وسيلا ۽ سنڌ جو پاڻي ھنن کي کپي ٿو باقي سنڌ جا ماڻھو نٿا کپن، سِنڌ جي ماڻھن کي ڪَڇون ۽ ڏيڏر سمجھيو وڃي ٿو پر سنڌ جي ماڻھن کي ڪَڇون ۽ ڏيڏر سَمجھندڙ 1971ع ۾ بنگلاديش واقعي مان بہ نٿا سِکن. سنڌ جا ماڻھو 1991ع پاڻي معاھدي تي عمل نہ ٿيڻ جون دانھون پيا ڪن وفاقي حڪومت وري نئون قانون آڻي سِنڌ جو ساھُ سُڪائڻ ٿا چاھين، ھنن چيو تہ پ پ سنڌ ۾ 16 سالن کان حڪومت ڪري رھي آھي پر سنڌ جا وسيلا تين وال ڪرڻ ۾ وسان ڪين گھٽايو آھي، سنڌ خلاف ٿيندڙ فيصلن ۾ پ پ پ برابر جي حصيدار آھي، سنڌ اسيمبلي ۾ بِل پيش ڪري ڍونگ رچايو پيو وڃي جڏھن تہ ارسا ايڪٽ جي پيپلز پارٽي حمايت ڪري رھي آھي. ھنن چيو تہ سنڌ سميت ملڪ جا 3 صوبا ڪالاباغ ڊيم سميت سنڌو درياءُ تي ٺھندڙ نون ڊيمن تي مخالفت ڪري چڪا آھن پر پنجاب پاران ھڪ دفعو ٻيھر ڪالاباغ ڊيم سميت سنڌوءُ تي 5 نوان ڊيم اڏڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي جنھن فيصلي کي سنڌ جا ماڻھو نہ رڳو رد ٿا ڪن پر ان خلاف سخت مزاحمت پڻ ڪندا. ڇاڪان جو ارسا ايڪٽ ۾ ترميم لاءِ تجويز ڪيل مسودو ڪالاباغ ڊئم کان وڌيڪ خطرناڪ آھي، جنھن کي ڪنھن بہ صورت ۾ قبول ڪونہ ڪنداسين.

اپنا تبصرہ بھیجیں