
ڪراچي (14 جولاءِ 2024ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بوهرا برادري جي روحاني پيشوا سيدنا مفضل سيف الدين جي ڪراچي دوري تي خوشي جو اظهار ڪندي کيس ايندڙ سال ٻيھر اچڻ جي درخواست ڪئي آهي. هن اها ڳالهه طاهري مسجد ۾ ڪئي، جتي هو بوهرا برادري جي روحاني پيشوا سيدنا مفضل سيف الدين جو خطبو ٻڌڻ لاءِ پهتو هو. وڏي وزير سان گڏ صوبائي وزير، شرجيل انعام ميمڻ، ناصر حسين شاهه، سعيد غني،

ضياءَ الحسن لنجار، ڄام خان شورو، ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بوهرا برادري جي روحاني پيشوا سيدنا مفضل سيف الدين جي دعوت تي طاهري مسجد ۾ بوهرا برادري کي پڻ خطاب ڪيو.


