
08-07-2023
جيڪب آباد:رپورٽ ايم ڊي عمراڻي،
جيڪب آباد ۾ جماعت الصالحين تعلقي جيڪب آباد پاران سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، اڳواڻن پاران سوئيڊن ملڪ سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪرڻ سميت امپورٽ ٿيندڙ شين مٿان پابندي ھڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، خبر موجب جيڪب آباد ۾ جماعت الصالحين تعلقي جيڪب آباد پاران قبله پير سيد محمد خالد سلطان السروري القادري جي ھدايتن تي سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي ٿيڻ واري عمل خلاف حافظ الله بخش سومرو، عبدالقدوس ٻرڙو، گل بھار سومرو، محمد حنيف پنھور، عابد ڪٽبار، احمد نواز رند، اشفاق بروھي سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ سومرا شاخ کان ھڪ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شھر جي مختلف رستن کان ٿيندي ڊي سي چوڪ لڳ پھتي مظاھرين جي ھٿن ۾ بينرز توڙي پلي ڪارڊ پڻ ھئا ان دوران اڳواڻن پنھنجي خطاب دوران چيو تہ قرآن شريف جي بيحرمتي اقوام متحدہ جي قراردادن جي خلاف ورزي آهي پر بدمست مغربي ملڪ مسلمانن جي جذبن کي مجروح ڪري رھيا آھن ھنن چيو ته ڪنھن بہ مذهب جي بيحرمتي يا سندن پاڪ ڪتاب جي توھين ڪرڻ تي پابندي لڳائي وڃي، دنيا جي گولي تي اسلامي ملڪن جي سرواڻ تنظيم او آء سي کي ننڊ مان سجاڳ ٿي مقدس ڪتاب جي توھين ڪرڻ واري عمل خلاف ھڪ آواز ٿي اڀرڻ گھرجي ھنن وڌيڪ چيو تہ اسلامي شعائر جي تقدس کي پائمال ڪندڙ ملڪن جو بائيڪاٽ ۽ سفارتي لاڳاپا ختم ڪيا وڃن جڏھن تہ سوئيڊن جي امپورٽ جو پڻ بائڪاٽ ڪيو وڃي.
=====================
Load/Hide Comments


