
ڪراچي (5 سيپٽمبر): آئين جي آرٽيڪل 242 تحت قائم ملڪ جي قديم ترين قانوني ادارن مان هڪ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن صوبي جي سول سروسز لاءِ شفافيت، غير جانبداري ۽ ميرٽ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سال 2024ع ۾ سڌارن جو هڪ سلسلو متعارف ڪرايو آهي۔ 1937ع کان خدمتون انجام ڏيندڙ ڪميشن پنهنجي عزم جي تجديد ڪئي آهي جنهن جو نعرو آهي ”جذبن مان جنم وٺندڙ بهترين ڪارڪردگي“۔ ان مقصد تحت ڀرتي جو طريقو جديد بڻايو ويو آهي، سيڪيورٽي کي وڌيڪ سخت ڪيو ويو آهي ۽ نظام کي بين الاقوامي بهترين اصولن سان هم آهنگ ڪيو ويو آهي۔ هڪ سرڪاري بيان موجب سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڪيترائي اجلاس منعقد ڪيا جن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا۔ انهن قدمن ۾ 2024ع ۾ سيڪنڊري اسڪول ٽيچر (BPS-16) جي امتحاني پرچي افشا ٿيڻ کانپوءِ سيڪيورٽي کي وڌيڪ سخت ڪرڻ، هڪ مضبوط ڪمرو (اسٽرونگ روم) قائم ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ اهڙين واقعن جي روڪٿام لاءِ نوان سيڪيورٽي پروٽوڪول لاڳو ڪرڻ شامل آهن۔ ڪميشن اميدوارن لاءِ درخواست جمع ڪرائڻ جو عمل آسان بڻائڻ خاطر دستاويزن جي آن لائن جمع ڪرائڻ جو نظام به متعارف ڪرايو آهي۔ سپريم ڪورٽ جي هدايتن جي روشني ۾ ڪميشن گڏيل مقابلي جي امتحان لاءِ انتظار جي فهرست برقرار رکڻ جي منظوري ڏني۔ اهو فيصلو سنڌ ڪابينا ۽ قانون کاتي جي جانچ کان پوءِ SPSC ڀرتي مينيجمينٽ ريگوليشنز 2023 جي ريگوليشن 148 ۾ ترميم ذريعي باضابطه ڪيو ويو۔ بي ضابطگين خلاف سخت ڪارروائي لاءِ ريگوليشن 45(اے) ۾ ترميم جي منظوري ڏني وئي جنهن تحت امتحاني بي ضابطگين ۾ ملوث اميدوارن تي پنجن سالن جي پابندي لاڳو ڪئي ويندي۔ ڪميشن ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ميونسپل ڪارپوريشنز جي اميدوارن جي ڪوٽا بابت ديرينه مسئلو به حل ڪيو۔ قانون کاتي ۽ سنڌ ڪابينا سان صلاح مشوري کان پوءِ فيصلو ڪيو ويو ته 2021ع کان اڳ واري ميونسپل حدن جي بنياد تي اسٽيٽس ڪو برقرار رکيو ويندو۔ گڏيل مقابلي جي امتحان جي معيار ۽ نصاب بابت ڪميشن ريگوليشنز 74 ۽ 88 ۾ ترميمون منظور ڪيون، ته جيئن اسڪريننگ ٽيسٽ جو معيار ۽ نصاب کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي ۽ وڌيڪ شفافيت ۽ يڪسانيت کي يقيني بڻائي سگهجي۔ ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن زور ڏنو ته اهي سڌارا عوامي اعتماد جي بحالي لاءِ ڪميشن جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿا جنهن جو مقصد شفافيت، غير جانبداري ۽ پيشه ورانه رويو کي يقيني بڻائڻ آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته ڪميشن جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال، اختراعي قدمن ۽ وسيع تربيتي پروگرامن ذريعي پنهنجي انساني وسيلن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ته جيئن جديد طرز حڪمراني جي چيلينجز کي منهن ڏئي سگهجي۔ قريب هڪ صديءَ تي محيط ورثي سان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن صوبي جي حڪومت کي معياري افرادي قوت فراهم ڪرڻ ۾ شفاف ۽ کليل مقابلي ذريعي اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي۔


