
لاڑکانہ رپورٹ محمد عاشق پٹھان
سپرينٽينڊنٽ انجنيئر سيپڪو، جناب مشتاق احمد بڙدي، ايگزيڪيوٽو انجنيئر، اصغر علي شيخ، آر.اوسيپڪو، سهيل احمد کهاوڙ جن سان لاڙڪاڻو چيمبر آف ڪامرس ائنڊ انڊسٽري جي آفيس ۾ واپاري برادريءَ سان زير صدارت خير محمد شيخ، خصوصي معاون وزيراعلي سنڌ ۽ صدر لاڙڪاڻه چيمبر آف ڪامرس ائنڊ انڊسٽري جن جي ٿي گذري.

لاڙڪاڻه چيمبر آف ڪامرس ائنڊ انڊسٽري جي صدر جناب خير محمد شيخ جن واپڊا جي مسئلن بابت ڏنل آجياڻي ۾ شهر جي مين مارڪيٽن جنهن ۾ شاهي بازار، ريشم گلي، صديقي بازار، اولڊ ۽ نيو اناج منڊي ۽ سنڌ سمال انڊسٽريز، رتوديرو، قمبر ۽ شهداد ڪوٽ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ، ڊيٽيڪشن، اوور بلنگ، ٽرانسفارمر جي ڊمانڊ، وولٽيج ڊراپ، انڊسٽري فيڊر ۾ لوڊشيڊنگ جي گهٽتائي ۽ ٽرالي ٽرانسفارمرس جي ڊمانڊ ڪندي گذارش ڪئي ته لاڙڪاڻي کي خصوصي اوليت ڏيندي ۽ پڻ ٻين مسئلن کي فوري حال ڪرڻ جي گهر ڪئي. هن گڏجاڻي ۾ سپرينٽينڊنٽ انجنيئر سيپڪو، جناب مشتاق احمد بڙدي ڳالهائيندي چيو ته اسين شهر جي واپاري برادري جن جا جائز مسئلن کي اوليت ڏئي ڪري حل ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته اسين توهان کي هڪ فوڪل پرسن آر.اوسيپڪو،سهيل احمد کهاوڙ ڏيون ٿا جيڪو اوهان واپاري برادري جا مسئلا حل ڪرائڻ ۾ ساٿ ڏيندو. هن هڪ ڀيرو ٻيهر واپاري براديءَ جو شڪريو ادا ڪيو.
گڏجاڻي ۾ لاڙڪاڻو چيمبر آف ڪامرس ائنڊ انڊسٽري جي نائب صدر جمال مصطفي شيخ، شوڪت علي شيخ، سابقه صدور حاجي محمد علي، مسعود احمد، حافظ محمد سليمان، احمد علي ۽ ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي ميمبرس ۽ ٽريڊ ايسوسيئيشنس جي عهديدارن صرافه، گارمينٽس، ڪلاٿ ۽ پڻ ٻين واپارين شرڪت ڪئي.


