
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي)جماعت اصلاح المسلمين ۽ روحاني طلبه جماعت ضلعي ٺٽي جي اھم اجلاس مرڪز انوار طاھريہ ۾ ٿي گذريو جنھن ۾ پريس ترجمان ساجد علي طاھري صحافين اڳيان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ ڌرتي جي بزرگ حضرت الله بخش المعروف سھڻا سائين جو 41 ساليانو بين الاقوامي عرس مبارڪ دربار الله آباد شريف ڪنڊيارو ضلعو نوشهرو فيروز سنڌ ۾ وڏي عقيدت احترام سان 23,24 نومبر تي ملهايو ويندو جنهن ۾ خاص خطاب ۽ دعا محمد طاھر المعروف حضرت محبوب سڄڻ سائين نقشبندي سجاده نشين جن ڪرڻ فرمائيندا جنھن ۾ ملڪ ڪنڊ ڪرڇ کان ھزارين قافلا روانا ٿيندا ان سان گڏ ضلعي ٺٽي مان جماعت اصلاح المسلمين ۽ روحاني طلبه جماعت جي ورڪرن جي قيادت ۾ ضلعي جي مختلف علائقن جنھن ۾ ٺٽو ،مڪلي،گھارو،گجو، جھنگشاھي،مالماڙي،داٻيچي مارڪيٽ،ڪيٽي بندر،پيرپھٺو، ڪينجھر ۽چليا ۽ ڇھتوچنڊ، ڳوٺ محمد ھاشم بروھي، پنجو ميل لڳ سدا بھار مان غلام حيدر بروھي طاھري جي اڳواڻي ۾ قافلو روانو ٿيندو ان کان علاوہ پوري ضلعي ٺٽي مان ڪوچن ۽ بسن ۽ ويگن ،ڪارن سميت ننڊي وڏي 50 گاڏين جا قافلا 23نومبر تي روانا ٿيندا جنھن ۾ ٺٽي ضلعي مان خلفاء ڪرام ۽ روحاني طلبه جي ورڪرن ميمبرن جي زير نگراني ھيٺ نڪرندا ان موقعي تي اجلاس ۾ خليفه حضور علي، حافظ ھدايت اللہ طاھري ،حافظ لياقت طاھري ،RTJ صوبہ سنڌ سڄڻ علي طاھري، غلام حيدر بروھي ، محمد عالم طاھري ، ساجد علي طاھري سميت تمام عھديدار موجود ھئا…


