دي يونيورسٽي آف لاڙڪاڻو جي ايگريڪلچر فيڪلٽي ۽ فيصل آباد زرعي يونيورسٽي جي گڏيل پراجيڪٽ “زيتونن تي ميلي بگ جيت جو حملو ۽ حياتياتي روڪٿام لاءِ تحقيق” کي ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي سيمينار ڪوٺايو ويو، جنھن ۾ زرعي سائنسدانن، علائقي جي آبادگارن ۽ ھارين سميت شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

لاڙڪاڻو روبوٹ عاشق پٹھان
دي يونيورسٽي آف لاڙڪاڻو جي ايگريڪلچر فيڪلٽي ۽ فيصل آباد زرعي يونيورسٽي جي گڏيل پراجيڪٽ “زيتونن تي ميلي بگ جيت جو حملو ۽ حياتياتي روڪٿام لاءِ تحقيق” کي ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي سيمينار ڪوٺايو ويو، جنھن ۾ زرعي سائنسدانن، علائقي جي آبادگارن ۽ ھارين سميت شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سيمينار کي فيڪلٽي ڊين سلطان احمد ميتلو، پروجيڪٽ انويسٽيگيٽر ڊاڪٽر شاهجهان راجپوت، ڊاڪٽر شاھنواز کھڙو، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، ڊاڪٽر عبدالحنان ٻرڙو، ڊاڪٽر محمد ھارون ھليو، ميڊم شبانہ مزاري، عبدالخالق سنديلو خطاب ڪندي چيو تہ فصلن ۽ ٻوٽن تي لڳاتار ڪيميڪل جي استعمال ماحول ۽ زمين کي تمام گھڻو نقصان پھچايو آھي. پاڪستان زرعي ملڪ ليکيو ويندو آهي پر دنيا ۾ پاڪستاني چانور، ڪڻڪ ۽ ميوا ڪيميڪل جي ڀرپور استعمال ھجڻ ڪري منفي اثر پئجي رھيو آھي، جنھن لاءِ ڪيميڪل جي متبادل طور حياتياتي مٽيريل استعمال ڪري ڀرپور ناڻو ڪمائي سگھجي ٿو. ھنن چيو ته زيتونن کي ميلي بگ کان بچاءَ لاءِ بايو ڪيميڪل پروجيڪٽ ضلعي لاڙڪاڻي جي نئون ديرو،حڪيم سنديلو ۽ تعلقي باقراڻي ڳوٺ احمد ميتلو ۾ ٽن سالن کان جاري آھي، جنھن تمام بھترين نتيجا پڻ ڏنا آھن. ھنن چيو ته آبادگارن ۽ ھارين کي گهرجي تہ ڪيميڪل اسپري کي ڇڏي بائلاجيڪل ڪنٽرول کي اپنائڻو پوندو، بائلاجيڪل ڪنٽرول سان انسان ذات ۾ فھلجندڙ موذي مرضن مان ڇوٽڪارو ملي سگهندو، ھنن چيو ته ڪيميڪل جي استعمال سبب ماحول دوست ڪيڙن جو خاتمو ٿيندو پيو وڃي ۽ ماحولياتي آلودگي به وڌي وئي آهي جيڪو عمل انسان ذات لاءِ وڏو نقصان آهي. انهي موقعي تي پراجيڪٽ انويسٽيگيٽر ڊاڪٽر شاهجهان راجپوت چيو ته فيصل آباد يونيورسٽي طرفان زيتونن تي ميلي بگ جيت جي حملي کان بچاءَ جو پروجيڪٽ ڪامياب ٿيو آھي، جنھن سبب ھن سال زيتونن جي آبادگارن کي 100% فائدو ٿيو آهي. پروگرام جي آخر ۾ بهتر پرفارمنس تي ايوارڊ پڻ ڏنا ويا.

https://www.youtube.com/watch?v=5uur1wv4yi

اپنا تبصرہ بھیجیں