صوبائي وزير آبپاشي ۽ خوراڪ کاتو ڄام خان شورو ۽ صوبائي وزير بلديات، هائوسنگ ٽائون پلاننگ ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ سنڌ سعيد غني جي صدارت ۾ رين ايمرجنسي جي حوالي سان شهباز هال حيدرآباد ۾ اجلاس منعقد ٿيو

حيدرآباد 3 آگسٽ (هه آ ) صوبائي وزير آبپاشي ۽ خوراڪ کاتو ڄام خان شورو ۽ صوبائي وزير بلديات، هائوسنگ ٽائون پلاننگ ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ سنڌ سعيد غني جي صدارت ۾ رين ايمرجنسي جي حوالي سان شهباز هال حيدرآباد ۾ اجلاس منعقد ٿيو _ان موقعي تي گڏجاڻي سان ڳالهائيندي صوبائي وزير بلديات، هائوسنگ ٽائون پلاننگ ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ سنڌ سعيد غني چيو ته پي ڊيم ايم اي پاران تازي وارننگ بعد برساتن جي صورتحال ۽ انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ هي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هن وقت تائين جيڪا حيدرآباد يا سنڌ ۾ برسات پئي آهي ان جا معاملات ڪنٽرول ۾ آهن پر جيڪڏهن وڌيڪ برساتون پيون ته ڪجهه مشڪلاتون اچي سگهن ٿيون ۽ انهن مشڪلاتن کان عوام کي بچائڻ لاءِ سمورا ادارا ، انهن جا ملازم ۽ آفيسرز فيلڊ ۾ موجود آهن. هن واسا جي بريفنگ ٻڌڻ بعد چيو ته هرمهيني واسا گرانٽ گهري رهي آهي، برسات جي مند ۾ واسا کي گرانٽ ملندي پر هر مهيني گرانٽ ملڻ ممڪن ناهي. صوبائي وزير چيو ته اڄ لوڪل گورنمينٽ جا نمائندا موجود آهن انهن کان مدد ورتي وڃي. هن چيو ته جتي حيسڪو ۽ بجلي جا مسئلا آهن اتي بيڪ اپ پلان تيار ڪيو وڃي.
گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي صوبائي وزير آبپاشي ۽ خوراڪ ڄام خان شورو چيو ته برساتن دوران ڪينالن جي پاڻي ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي ، سال 2022 جي ٻوڏ ۾ جتي به مشينري لڳائي وئي هئي ان پلان کي ورجايو وڃي ۽ ان پلان جي تحت اضافي پوانٽس کي ملائي مشينري لڳائي وڃي. صوبائي وزير چيو ته واسا جي تياري هئڻ گهرجي ڪجهه حساس پمپنگ اسٽيشنن تي ايڪسپريس فيڊر شروع ڪيا وڃن _ حيدرآباد ۾ ڪجهه پمپنگ اسٽيشنون نيچرل گريوٽي تي ناهن انهن تي جنريٽر جو انتظام ڪيو وڃي _ ڄام خان شورو چيو ته واسا پنهنجي ريڪوري بهتر بڻائي گورنمينٽ جا ادارا واسا کي بلز ڏئي رهيا آهن. اجلاس ۾ ڳالهائيندي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ سيد خالد حيدر شاهه چيو ته گهڻو برساتي پاڻي ڪينالن ۽ سنڌودرياهه ۾ نيڪال ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته پهريان به اجلاس ڪوٺائي واسا جا مسئلا حل ڪيا آهن ۽ هن دفعي به ايمرجنسي صورتحال ۾ واسا جون ضرورتون پوريون ڪنداسين _گڏجاڻي ۾ بريفنگ ڏيندي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ چيو ته حيدرآباد ۾ هڪ سئو ملي ميٽر برسات جي نيڪالي جي گنجائش آهي جيڪڏهن برسات وڌيڪ پئي ته وڌيڪ مشينن جي ضرورت پوندي ۽ ايمرجنسي جي صورتحال جڙندي. هن اجلاس کي ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ 118 ڊسپوزل اسٽيشنون آهن جن مان ڪجهه کي جنريٽر جو بيڪ اپ آهي باقي بجلي تي آهن جڏهن ته 243 پمپ ٺهرايا ويا آهن ۽ پمپنگ اسٽيشنن تي 641 عملو مقرر آهي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ چيو ته اين ڊي ايم اي جي اڳڪٿي آهي ته هلندڙ سال برساتون 2022 وانگر آهن اسان پروٽيڪشن بندن جي حفاظت لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون تمام کاتن جي آفيسرن ۽ عملي جون موڪلون منسوخ ڪيون ويون آهن. هن ٻڌايو ته سڀ کان وڏو مسئلو ڊيسلٽنگ جو آهي، ماڻهن نالن جي مٿان گهر تعمير ڪري ڇڏيا آهن پوءِ به اسان سڀني نالن جي ڊي سلٽنگ ڪئي آهي. ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد وڌيڪ ٻڌايو ته شهر ۾ 29 حساس پوائنٽس آهن جتي برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ مشينري دستياب ڪئي ويندي. ايم ڊي واسا گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي ٻڌايو ته واسا 9 مين نالن جي ڊيسلٽنگ ڪئي آهي ۽ واسا 118 پمپنگ اسٽيشنن ۽ 4 سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽ کي ڏسي رهي آهي جڏهن ته واسا کي 24 ڪروڙ گرانٽ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ سيد خالد حيدر شاهه، سيڪريٽري پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ سيد اعجاز شاهه، ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو، ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ ، ڊپٽي ڪمشنرحيدرآباد زين العابدين ميمڻ کان علاوه مختلف کاتن جي عملدارن ۽ ٽائون چيئرمين شرڪت ڪئي.
بعد ۾ صوبائي وزيرن سعيد غني ۽ ڄام خان شوروگڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، پريس جي نمائندن سان ڳالهائيندي صوبائي وزير بلديات، هائوسنگ ٽائون پلاننگ ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ سنڌ سعيد غني چيو ته اڄ جو اجلاس ايندڙ امڪاني برساتن جي انتظامن جي جائزي لاءِ ڪوٺايو ويو هو، هن چيو ته صوبي ۾ شديد برساتن جي اڳڪٿي آهي ان حوالي سان مئي مهيني کان تياريون هلندڙ آهن ان سلسلي ۾ اڄ ڪمشنر حيدرآباد ، ايم ڊي واسا ، ميئر حيدرآباد ۽ ڊپٽي ڪمشنر کان بريفنگ ورتي آهي ۽ جيڪو پلان ٻڌايو ويو ان ۾ جيڪا ڪمي ڪوتاهي هئي ان جي پورائي لاءِ کين تجويزون ڏنيون آهن. هن چيو ته واسا سميت ڪجهه ادارا اهڙا آهن جيڪي پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪري رھيا آھن ۽ اھي ڏينهن ٻن ۾ ٺيڪ نه ٿيندا پر انهن جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته هيسيتائين جيڪي برساتون پيون آهن ان کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تياري آهي پر جيڪڏھن برسات تمام گھڻي پئي ته ڪجھ مشڪل ٿيندي پر ادارن کي الرٽ ڪيو آھي. پريس ڪانفرس کي ڳالهائيندي صوبائي وزير آبپاشي ۽ خوراڪ کاتو ڄام خان شورو چيو ته درياهه جي بندن جي صورتحال تي به نظر آهي ۽ سنڌ حڪومت کيس حيدرآباد ضلعي جون ذميواريون ڏنيون آهن ان سلسلي ۾ هي اجلاس منعقد ڪيو آهي ان لاءِ سڀني ادارن کي الرٽ ڪيو آهي ۽ کين اهم تجويزون ڏنيون آهن اميد آهي ته برساتن جو پاڻي نيڪال ٿي ويندو. هن هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته درياهه جي ڪچي ۾ جيڪي هائوسنگ اسڪيم تعمير ٿي رهيون آهن انهن جي اين او سي منسوخ ڪيون ويون آهن.

اپنا تبصرہ بھیجیں