اڄ هڪ تاريخي ۽ يادگار ڏينهن آهي. پاڪستان جو پهريون ترندڙ هوا ۽ دنيا جو سڀ کان وڏو سولر پاور پراجيڪٽ شروع ٿي رهيو آهي.. سيد ناصر حسين شاهه

هي منصوبو چيئرمين بلاول ڀٽو جي ويزن مطابق سستي بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو: سيد ناصر حسين شاهه

ڪراچي، 13 جون:
سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير سيد ناصرحسين شاهه جي توانائي کاتي ۽ گو انرجي پرائيويٽ لميٽيڊ وچ ۾ ڪينجهر ڌنڍ تي ترندڙ 550 ميگاواٽ سولر توانائي جي منصوبي تي مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سيڪريٽري توانائي مصدق احمد خان، سي اي او ايس ٽي ڊي سي سليم شيخ، سي اي او گو گرين عمار علي طلعت ۽ ڪي اليڪٽرڪ جو ڊائريڪٽر حارث صديقي پڻ موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي سيد ناصرحسين شاهه چيو ته گو انرجي پرائيويٽ لميٽيڊ هي پروجيڪٽ ايس ٽي ڊي سي، سنڌ انرجي ڊپارٽمينٽ ۽ سنڌ آبپاشي کاتي جي سهڪار سان ٺاهي رهي آهي. ايس ٽي ڊي سي ڪينجهر ڍنڍ پاور پراجيڪٽ ڪي اليڪٽرڪ گرڊ اسٽيشن ڌاٻيجي ڪراچي تائين 60 ڪلوميٽرن جي 220 ڪي وي ٽرانسميشن لائين جو ڄار وڇائيندي. ڪي اليڪٽرڪ 500 ميگاواٽ فلوٽنگ پاور پراجيڪٽ جو آف ٽيڪر آهي جنهن لاءِ ڪي اليڪٽرڪ ليٽر آف انٽينٽ (LOI) فراهم ڪيو آهي. سنڌ انرجي ڊپارٽمينٽ پڻ ليٽر آف انٽينٽ (LOI) فراهم ڪيو آهي. هي منصوبو ماحول دوست آهي جنهن سان سنڌ ۾ گرين انرجي کي هٿي ملندي ۽ سستي بجلي جو ذريعو فراهم ٿيندو. ان منصوبي سان سنڌ صوبي جي معيشت کي هٿي ملندي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. سنڌ حڪومت انهن قابل تجديد وسيلن کي تيزيءَ سان استعمال ڪرڻ لاءِ پرعزم ۽ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. اسان جي ڪوشش آهي ته نيپرا جي مجموعي بيسڪ ٽيرف ۾ گهٽتائي ڪري ملڪ جي عام ماڻهن لاءِ وڌيڪ سستي بجلي فراهم ڪئي وڃي. ٽيرف ۾ گهٽتائي کان علاوه، قابل تجديد توانائي صاف، قابل ڀروسو ۽ پائيدار ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ پائيدار ترقي جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ به ڪردار ادا ڪندي. اسان کي اميد آهي ته هي منصوبو 2026 جي آخر تائين مڪمل ٿي ويندو. ان موقعي تي سنڌ جي توانائي واري سيڪريٽري مصدق احمد خان چيو ته توانائي واري وزير جي خاص هدايتن تي عوام کي سستي ۽ مفت بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم جاري آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ڏورانهن علائقن کي سستي ۽ ماحول دوست بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ ضلعي سطح تي مني گرڊ اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون. سيڪريٽري توانائي وڌيڪ ٻڌايو ته هن فلوٽنگ پلانٽ مان پيدا ٿيندڙ بجلي جي قيمت 15 رپيا في يونٽ هوندي جيڪا ٻين پاور جنريشن پلانٽس جي ڀيٽ ۾ تمام سستي هوندي. تقريب کي خطاب ڪندي سي اي او ايس ٽي ڊي سي سليم شيخ چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي مقابلي ۾ ايس ٽي ڊي سي جو لائين لاسز ڪڏهن به ٽريپ ناهي ٿيو ۽ ايس ٽي ڊي سي جو لائن لاسز ڪڏهن به 1.6 سيڪڙو کان مٿي نه ويو آهي جڏهن ته نيپرا 2 سيڪڙو تائين لائين لاسز جي اجازت ڏني آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي گو انرجي جي چيف آفيسر عمار علي طلعت چيو ته هي هڪ منفرد خيال آهي. ڪينجهر دنيا جي سڀ کان وڏي صاف پاڻي واري ڍنڍ آهي، جتي حڪومت جي توانائي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي سهڪار سان هڪ فلوٽنگ پراجيڪٽ تيار ڪيو ويو آهي، جنهن تي اڄ سمورن سهڪار ڪندڙن جا شڪر گذار آهيون. هن چيو ته سنگاپور جي ماهرن ان منصوبي جو مطالعو ڪيو آهي. پروجيڪٽ ڍنڍ جي پاڻي جو چوٿون حصو بخارن ٿيڻ کان بچائيندو. ان موقعي تي ايس ٽي ڊي سي جي سي اي او سليم شيخ ۽ گو گرين انرجي جي سي اي او عمار علي طلعت ايم او يو تي صحيحون ڪيون.
ھينڊ آئوٽ نمبر…418 ايم ايس ايس

اپنا تبصرہ بھیجیں