معرڪہ حق ۽ جشنِ آزادي جي موقعي تي واٽر ڪارپوريشن ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي پروقار تقريب جو اهتمام

ڪراچي( )وطنِ عزيز پاڪستان جي 78هين جشنِ آزادي جي خوشي جي موقعي تي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي هڪ شاندار ۽ پروقار تقريب جو اهتمام ڪيو ويو۔ تقريب جو مقصد آزادي جي خوشين کي قومي جذبي ۽ قومي يڪجهتي سان ملهائڻ هو۔ تقريب جو مهمانِ خاص سي اي او واٽر ڪارپوريشن احمد علي صديقي ھو۔ ان موقعي تي واٽر ڪارپوريشن جي اعليٰ عملدارن سميت آفيسرن ۽ ملازمن جي وڏي انگ ڀرپور شرڪت ڪري قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي موقعي تي وطن سان محبت ۽ قرباني جو جذبو ظاهر ڪيو۔ تقريب جي موقعي تي سي اي او احمد علي صديقي سموري قوم کي جشنِ آزادي جون مبارڪون پيش ڪندي چيو تہ اڄ جو ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو تہ هي عظيم امانت اسان جي بزرگن بيشمار قربانين سان حاصل ڪئي۔ هن چيو تہ اسان جي ابن ڏاڏن پاڪستان جي قيام جي خواب کي حقيقت ۾ بدلائي ڇڏيو، تنهنڪري هي ڏينهن صرف نعرا هڻڻ جو نہ پر عملي خدمت ۽ محنت جو تقاضو ڪري ٿو۔ ھن چيو پاڻي هر گهر تائين پهچائڻ اسان جو فرض ۽ ذميواري آهي، تنهنڪري سمورا آفيسر ۽ ملازم پنهنجي ڊيوٽي کي صرف هڪ معمولي ذميواري نہ پر هڪ مشن سمجهي نڀائين۔ شهرِ قائد ۽ وطنِ عزيز جو جيڪو حق اسان تي آهي اهو اسان کي خدمت ۽ ايمانداري سان واپس ڪرڻو آهي۔ سي اي او واٽر ڪارپوريشن ان موقعي تي عهد ڪيو تہ ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ ڪا به ڪسر نہ ڇڏي ويندي۔ هن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ اسان کي ڪراچي سميت ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو تہ جيئن ايندڙ نسلن کي هڪ بهتر، خوشحال ۽ ترقي يافته پاڪستان ملي سگهي. تقريب جي پڄاڻي تي ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خاص دعائون پڻ ڪيون ويون.

اپنا تبصرہ بھیجیں