ٺٽي جي جاکرا برادري جي معزز وڏيرو رسول بخش جاکرو پاران ڇتوچنڊ لڳ ڳوٺ وڏيرو اميربخش جاکرو 5 ميل موري تي جلسہ يارھين شريف جو پروگرام منعقد ڪرايو ويو،


ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ٺٽي جي جاکرا برادري جي معزز وڏيرو رسول بخش جاکرو پاران ڇتوچنڊ لڳ ڳوٺ وڏيرو اميربخش جاکرو 5 ميل موري تي جلسہ يارھين شريف جو پروگرام منعقد ڪرايو ويو، جنھن ۾ نعت خوانن صلاح الدين جسڪاڻي ۽ ٻين نعت خوانن نعت شريف پڙھڻ سان گڏ علماء اڪرامن مولوي محمد عالم جت ڪراچي وارا، مولوي محمد يامين جماري ۽ ٻين علماء اڪرامن واعظ ڪري ھڪ الله ۽ ان جي آخري نبي حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي ڏسيل واٽ تي ھلڻ جي تلقين ڪندي 5 وقت نماز پڙھڻ سان گڏ غريب، مسڪين ماڻھن جي مدد ڪرڻ جي پڻ ھدايت ڪئي. آخر ۾ ملڪ جي سلامي، خوشحالي ۽ امن امان لاء خصوصي دعائون گھري پروگرام جي پڄاڻي تي مسلمان ملڪن جي سربراھن کان مطالبو ڪيو ويو تہ فلسطين ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن سان ٿيندڙ ظلم زيادتيون بند ڪرائي انھن کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي، منعقد ڪيل جلسہ يارھين شريف ۾ وڏيرو رسول بخش جاکرو، اسلم جاکرو، ميرحسن جاکرو، نور حسن جاکرو، ڪارو جاکرو، ظھور جاکرو، صحافي اقبال جاکرو، صحافي محمد ايوب ملاح، رحمت الله ڇٽو، رشيد جاکرو، زاھد ايوب ملاح، حيدر بروھي سميت سوين ماڻھن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي وڏيرو رسول بخش جاکرو چيو تہ سندس پڻ ڪافي وقت کان عمري ڪرڻ جي خواھش اھي، جنھن جون تياريون پڻ مڪمل ڪيون ويون آھن، رب پاڪ کان دعا اھي تہ اسانکي بہ عمري جي سعادت نصيب ٿئي. ان موقعي تي وڏيرو رسول بخش جاکرو جي عمري تي وڃڻ لاء بہ خصوصي دعائون گھريون ويون.

اپنا تبصرہ بھیجیں