سومر جو ڏينھن:
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ انتهائي حبس وارو رهڻ جو امڪان آهي. البت، اوڀرئين پنجاب، پوٺوهار جو علائقو، اسلام آباد، اتر خيبرپختونخوا ۽ ڪشمير ۾ تيز هوائن، گجگوڙ ۽ چمڪ سان گڏ برسات جي اميد آهي. ان دوران ڪجهه هنڌن تي تيز وسڪاري برسات به ٿي سگهي ٿي.
اڱارو جو ڏينھن:
اڱاري جي ڏينھن به ملڪ جي اڪثر حصن ۾ سخت گرمي ۽ حبس جي لهر جاري رهڻ جو امڪان آهي. البت، مٿئين پنجاب، پوٺوهار، اسلام آباد، خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ گجگوڙ، تيز هوائن ۽ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ڪجهه هنڌن تي تيز برسات وسڻ جي به اميد آهي.
گذريل 24 ڪلاڪن دوران موسم:
مٿئين پنجاب ۽ ڪشمير جي ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات ٿي، جڏھن ته باقي ملڪ ۾ موسم گرم ۽ حبس وارو رهيو.
برسات جو ريڪارڊ (ملي ميٽر ۾):
پنجاب:
لاهور: ايئرپورٽ 74 ملي ميٽر، شهر 41 ملي ميٽر
راولپنڊي: نئين ڪٽارِي 68، شمس آباد 31، چڪلاله 22، پي روڊ 19، ڪچهري 17، گوالمنڊي 14
سيالڪوٽ: ايئرپورٽ 50، شهر 21
منگلا: 25
اسلام آباد: ايئرپورٽ 20، شهر 13، سيدپور 1
ٻيا شهر: گجرات، شيخوپوره 12، نارووال 6، قصور 2، جهلم 1
ڪشمير:
گهڙي دوپٽہ: 28
راولاڪوٽ: 2 ملي ميٽر
وڌ کان وڌ درجه حرارت (سينٽي گريڊ):
دالبندين ۽ نوڪندي: 44°C
دادو: 43°C
اسلام آباد لاءِ اڳڪٿي:
سومر: اسلام آباد ۽ ويجهن علائقن ۾ موسم ابر آلود رهڻ جي اميد آهي. رات جو تيز هوائون، گجگوڙ ۽ برسات جو امڪان آهي. ڪجهه هنڌن تي تيز برسات به ٿي سگهي ٿي. امڪان: 60٪
اڱارو: ٻيهر ابر آلود موسم ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جي امڪان سان گڏ تيز هوائون متوقع. امڪان: 80٪


