سنڌ يونيورسٽي جي انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي فيڪلٽي جو ٻن ڏينهن وارو اسپورٽس گالا ڪاميابي سان پڄاڻيءَ تي پهتو، ڪرڪيٽ، چيس، رسّه ڪشي، بيڊمنٽن ۽ ٻين راندين ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي شيلڊون پيش

ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي فيڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پاران منعقد ڪيل ٻن ڏينهن وارو اسپورٽس گالا گذريل ڏينهن ڪاميابيءَ سان پڄاڻيءَ تي پهچي ويو، جنهن ۾ شاگردن پنهنجي راندين جي صلاحيتن ۽ اسپورٽس مين شپ جو بهترين مظاهرو ڪيو. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح مري پڄاڻيءَ واري تقريب جي صدارت ڪئي. شاگردن ۽ شاگردياڻين ڪرڪيٽ، چيَس، رسّه ڪشي، بيڊمنٽن ۽ ٻين راندين ۾ ڀرپور حصو ورتو. شاگردن ۽ شاگردياڻين وچ ۾ راندين جا مقابلا الڳ الڳ منعقد ڪيا ويا. پي سي بي گرائونڊ ۽ حيدر بخش جتوئي پويلين ۾ منعقد ٿيل راندين ۾ شاگردن گڏيل ڪوشش، توانائي ۽ نظم ضبط جو بهترين مظاهرو ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مري شاگردن جي جاندار شرڪت جي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته اهڙا ايونٽ يونيورسٽي جي شاگردن جي توانائي ۽ ارادي کي ظاهر ڪن ٿا. هن چيو ته راندين سان صحتمند تعليمي ماحول کي هٿي ملي ٿي، اڳواڻي جون خوبيون وڌن ٿيون ۽ ڪردار سازي ٿئي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته شاگردن جو جذبو ۽ مقابلي بازي شاندار هئي ۽ اهڙيون سرگرميون يونيورسٽي جي ماحول ۾ اتحاد ۽ وابستگي پيدا ڪن ٿيون. ڊين فيڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پروفيسر ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڌوميجا چيو ته اسپورٽس گالا جو مقصد شاگردن کي نصابي تعليم سان گڏ جسماني ۽ تفريحي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي ترغيب ڏيڻ آهي. هن چيو ته فيڪلٽي هڪ اهڙو ماحول مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي جتي شاگرد نصابي ۽ غير نصابي ٻنهي شعبن ۾ اڳڀرا ٿي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته هن ايونٽ شاگردن جي نظم ضبط ۽ اسپورٽس مين شپ کي نمايان ڪيو. هن زور ڀريو ته فيڪلٽي اهڙين سرگرمين کي باقاعدگي سان جاري رکي، ڇاڪاڻ ته راندين سان شاگردن ۾ اعتماد، ٽيم ورڪ ۽ ذهني صحت ۾ بهتري ايندي آهي. ڊاڪٽر عارفه ڀٽو چيو ته اسپورٽس گالا سان شاگردن جي صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ تعليمي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته اهڙيون سرگرميون شاگردن کي سرگرم، صحتمند ۽ ڪيمپس سان جڙيل رکن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته شاگردن ۽ شاگردياڻين جي گڏيل شرڪت يونيورسٽي ۾ برابري ۽ شموليت جي روايت کي مضبوط بڻائي ٿي. هن چيو ته نوجوانن کي راندين ڏانهن راغب ڪرڻ سان سندن همت، ڌيان ۽ مثبت مقابلي بازي ۾ اضافو ٿئي ٿو. آخر ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري ڪامياب شاگردن ۾ شيلڊون ۽ ايوارڊ ورهايا. تقريب ۾ ڊاڪٽر ڪامران تاج پٺاڻ، ڊاڪٽر مدثر ميمڻ، ڊاڪٽر عبد الواحد مهيسر ۽ ٻيا ڪيترائي استاد ۽ وڏي تعداد ۾ شاگرد موجود هئا۔

اپنا تبصرہ بھیجیں