اڄ کان 11 جولاءِ تائين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ وسڪاري/گهڻي وسڪاري برسات ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب مري، گليات، مانسهره، ڪوهيستان، ايبٽ آباد، بونير، چترال، دير، سوات، شانگلا، نوشهرا، صوابي، مردان، اسلام آباد/راولپنڊي، ڊي جي خان، اتر اوڀر پنجاب، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان (بارخان، ڪوھلو، موسي خيل، ڊيره بگٽي، نصير آباد، سبّي، لورالائي، ژوب، قلات، خضدار، لسبيلا، آواران، پنجگور، تربت) ۾ مقامي نالن ۽ واهن ۾ اوچتو پاڻي اچڻ جو خطرو آهي.
گهڻي برساتن سبب خيبرپختونخوا، مري، گليات، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ زمين ڪِرڻ (لينڊ سلائيڊنگ) سبب روڊن ۽ ٽرئفڪ ۾ رڪاوٽون ٿيڻ جو خدشو پڻ آهي، جڏهن ته اسلام آباد، راولپنڊي، گوجرانوالا، لاهور، سيالڪوٽ، سرگودها، فيصل آباد، نوشهرا ۽ پشاور جا هيٺاهين علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جا امڪان آهن، جنهن ڪري عام ماڻهن کي احتياط ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي آهي.
خميس ۽ جمعي ڏينهن پنجاب، ڪشمير، اسلام آباد، خيبرپختونخوا، اتر اوڀر ۽ ڏکڻ بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات ٿيڻ جي اميد آهي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي گهڻي وسڪاري برسات به ٿي سگهي ٿي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پنجاب، اسلام آباد، سنڌ، خيبرپختونخوا، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ گجگوڙ ۽ ڪجهه هنڌن تي گهڻي برسات رڪارڊ ٿي آهي.
پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات لاهور ۾ 115 ملي ميٽر ۽ سيالڪوٽ ۾ 77 ملي ميٽر رڪارڊ ٿي. سنڌ ۾ دادو ۾ 35 ملي ميٽر برسات ٿي. بلوچستان ۾ سبّي ۾ 24 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. سڀ کان وڌيڪ گرمي نوڪنڊي ۾ 46 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي.
اسلام آباد ۽ ان جي آسپاس خميس ۽ جمعي تي آسمان ابر آلود رهڻ ۽ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي گهڻي برسات جو به امڪان آهي. عوام کي احتياط ڪرڻ ۽ غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.


