پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو ۽ ڪراچي ڊويزن جي صدر صوبائي وزير سعيد غني گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته عوامي مسئلن جي حل ۽ عوام جي خدمت لاءِ هن ملڪ ۾ پيپلز پارٽي کان بهتر ٻي ڪا به پارٽي ناهي.

ڪراچي (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو ۽ ڪراچي ڊويزن جي صدر صوبائي وزير سعيد غني گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته عوامي مسئلن جي حل ۽ عوام جي خدمت لاءِ هن ملڪ ۾ پيپلز پارٽي کان بهتر ٻي ڪا به پارٽي ناهي. اسان هميشه آھيون ته ايم ڪيو ايم رڳو ٽران ٽران ڪندي آهي انهن ۾ اڳي به اختلاف هئا، پر هاڻي اهي پڌرا ٿي سامهون اچي رهيا آهن. گورنر سنڌ کي پنهنجي پارٽيءَ جي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، گورنر ڊي آءِ جي ٽريفڪ بڻجڻ لاءِ سندس عمر وڏي ٿي چڪي آهي. گورنر ڊي آء جي جو سيڪريٽري ٿي سگهي ٿو. پي ٽي آءِ کي هاڻي ڪا به سهولت ملڻ واري ناهي، هاڻي هنن فارم 47 جي مطالبي تان به هٿ کڻي ورتو آهي. پيپلز پارٽي ۾ ايم ڪيو ايم، عوامي نيشنل پارٽي سميت ٻين سياسي پارٽين جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي شموليت ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي هن شهر، صوبي ۽ ملڪ جي واحد سياسي جماعت آهي جيڪا عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر ڏينهن مڪلي هال ۾ ڪوٺايل تقريب کي خطاب دوران ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. شموليت واري تقريب ۾ متحده آرگنائيزنگ ڪميٽي ايم ڪيو ايم ۽ هزاره قومي موومينٽ جي عبدالباسط تنولي، عوامي نيشنل پارٽي جي عالم زيب، يونائيٽيڊ بزنس فورم سميت ٻين سياسي پارٽين جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. تقريب کي سنڌ جي وڏي وزير جو صلاحڪار سيد نجمي ميمڻ، عبدالباسط تنولي، عالم زيب، پ پ ضلعي مرڪزي صدر سردار خان، جنرل سيڪريٽري شهزاد مجيد، ضلعي اولهه جي صدر عابد ستي ، لياقت آسڪاڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو ته اسان عهديدار بڻجي ويا آهيون ۽ ماڻهن کي شامل ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 300 ماڻهن سان گڏجي پارٽي ٺاهي هئي، اسان ان مان اهو ئي سکيو آهي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي پارٽي آهي. سندس چوڻ هو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پارٽي سڀني لاءِ ٺاهي هئي ۽ ان کي وڌائڻ ۾ مصروف آهيون ۽ اڄ سنڌ ۾ اسان جو ڪو به مقابلو نٿو ڪري سگهي. نثار کهڙي چيو ته پيپلزپارٽي اڄ سنڌ ۾ مضبوط پارٽي بڻجي چڪي آهي، عبدالباسط، عالم زيب ۽ ٻين به ان کي ڏٺو ۽ پارٽي ۾ شامل ٿيا. اهڙي طرح عوامي نيشنل پارٽي جا ٻيا ساٿي به شامل ٿي ويا. نثار احمد کهڙو چيو ته پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن، شهادتون ڏنيون آهن، ۽ هاڻي پيپلز پارٽي مضبوط ٿي چڪي آهي. هن چيو ته سياسي پارٽي ۽ ملڪ جي ترقي ۾ عورتن جو وڏو ڪردار آهي. جڏهن صدر آصف علي زرداري بينظير انڪم اسپورٽ شروع ڪئي ته ان وقت اسان جي ڪارڪنن اعتراض ڪيو ته هو بينظير انڪم اسپورٽس جا فارم ٻين پارٽين کي ڇو ڏئي رهيا آهن. تڏهن کين جواب ڏنو ويو ته اهي سڀ اسان جا آهن ۽ هن وقت الحمدالله 9 لک کان وڌيڪ خاندان ان مان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته شهيد ڀٽو کي ماڻهو چوندا هئا ته روڊ ۽ اسڪول ڇو ٺاهيا آهن، زميندار جو ڪم ڪير ڪندو، تڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو جواب هو ته تعليم ئي سمورن مسئلن جو حل آهي ۽ روڊ ئي هن ملڪ جي ترقي جا ضامن آهن. هن چيو ته عبدالباسط تنولي مون کي هاڻي ٻڌايو ته ڪي پي ڪي ۾ 6 لک هزاره ماڻهو آهن جڏهن ته پنجاب ۾ 16 لک هزارا رهن ٿا. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽي کانپوءِ بلاول ڀٽو پرڏيهي وزير بڻيو، جيڪو چوي ٿو ته رت گهرندو ته رت ڏيندو، جان گهرندو ته جان ڏيندو. هن ملڪ کي بلاول ڀٽو جهڙو ليڊر گهرجي. اسان امن چاهيون ٿا، تعصب ۽ نفرت نه ٿا چاهيون. ان موقعي تي تقريب مڪاني ادارن واري وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني چيو ته ڪراچي مان وڏي تعداد ۾ ماڻهو پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته هو هاڻي ڄاڻن ۽ سمجهي چڪا آهن ته عوامي مسئلن جي حل لاءِ پيپلز پارٽي کان وڌيڪ ٻي ڪا پارٽي ناهي. هن چيو ته ڪراچي جا مسئلا عوام جي مدد سان حل ڪنداسين. ڪراچي ۾ قبرستان جي سخت ضرورت آهي، موجوده قبرستانن ۾ جاءِ ناهي. سنڌ حڪومت قبرستان لاءِ زمين حاصل ڪري ورتي آهي. حڪومت مختلف ادارن ۽ ماڻهن کي قبرستان لاءِ جاءِ ڏني آهي. هن چيو ته اسان قبرستانن لاءِ نه رڳو اٿارٽي قائم ڪري رهيا آهيون پر قانون به ٺاهي رهيا آهيون ته جيئن انهن کي منظم طريقي سان تعمير ڪري سگهجي. سعيد غني چيو ته هتي دوستن هزاره قوميت لاءِ قبرستان جو مطالبو ڪيو آهي پر مان چوان ٿو ته هتي رهندڙ سمورن قوميتن کي اڄ ان جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي عوام جي پارٽي آهي، جيڪا پنهنجي قيام کان وٺي ذات پات، مذهب ۽ تعصب جي بنا ڪنهن فرق جي عوام جي خدمت ڪري رهي آهي. هن چيو ته 1970ع ۾ جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پيپلز پارٽي قائم ڪئي ته اها پنجاب ۾ وڌيڪ مضبوط هئي. پر عامر ۽ ڊڪٽيٽر ضياءَ ان مقبوليت کي پاڻ تي تلوار وانگر ڏٺو، ان ڪري هن 1986ع ۾ لاهور ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي تاريخي استقبال کانپوءِ پيپلز پارٽي کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ لساني، فرقي ۽ مذهب جي بنياد تي ڪجهه سياسي پارٽين کي مضبوط ڪيو. هن چيو ته پيپلز پارٽي خلاف ڪيتريون ئي سازشون ڪيون ويون، اسان جي اڳواڻن کي شهيد ڪيو ويو ته جيئن پارٽي ڪمزور ٿي پر انهن سازشن ۽ شهادتن نه رڳو پارٽي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي پر پيپلز پارٽي اڄ به چئني صوبن جي پارٽي آهي. سعيد غني چيو ته جنرل ضياءَ جي دور ۾ لساني پارٽين سبب اڄ به لساني فرقي ۽ دهشتگردي جي صورت ۾ ان جا نتيجا ڀوڳيا پيا وڃن. سعيد غني چيو ته شهر جا مسئلا هر ڪنهن جو مسئلو آهن، الحمدلله اڄ هن شهر ۾ دهشتگردي جي مرض تي ضابطو اچي ويو آهي، هي ملڪ جو واحد شهر آهي جتي هر گهر دهشتگردي کان متاثر آهي. هن چيو ته شهر جي ماڻهن کي هاڻي خبر پئجي وئي آهي ته هو لسانيات ڏانهن وڃڻ نٿا چاهين پر هن شهر کي پيار ۽ امن جو شهر بڻائڻ چاهين ٿا ۽ هو اهو به سمجهن ٿا ته هن شهر جي تعمير ۽ ترقي لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي کان وڌيڪ هن ملڪ ۾ ڪا به سياسي پارٽي بهتر ناهي. سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي سينيٽ، قومي يا صوبائي اسيمبلين توري يوسي ۾ هر قوم کي نمائندگي ڏني ويندي. سينيٽ ۾ هڪ سيٽ غير مسلمن جي آهي ۽ پيپلز پارٽي جون ٽي سيٽون غير مسلمن وٽ آهن. پيپلز پارٽيءَ کان سواءِ ٻي ڪنهن به سياسي يا مذهبي جماعت ۾ اها جرئت ناهي ته اها غير مسلمن کي سيٽون ڏئي. هن چيو ته پيپلز پارٽي مظلوم عوام جي نمائندگي ڪري ٿي. عوام جي خدمت لاءِ پيپلزپارٽي کان بهتر ڪا به پارٽي ناهي. سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ عالمي ادارن پاران ڪيترائي منصوبا ٺاهيا پيا وڃن. ڪراچي ۾ هزاره برادري جو تعلق پيپلز پارٽيءَ سان نه هجڻ گهرجي ۽ نه ئي هزاره جي ڪنهن ٻي پارٽيءَ سان، تنهن ڪري مان پنهنجي هزاره دوستن کي به گذارش ٿو ڪريان ته هو پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿين، جتي هزاره برادري سميت سڄي ملڪ ۾ موجود آهي. ان موقعي تي سوالن جا جواب جواب ڏيندي نثار احمد کهڙو ۽ سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم جا اندروني اختلاف سندن پنهنجا آهن، هنن هميشه چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ٽڪرن ورهائجي وئي آهي. سنڌ جي گورنر کي پهريان پنهنجي پارٽي ۾ اختلافن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ڊي آءِ جي ٽريفڪ بڻجڻ جي عمر گذري آهي پر هو ڊي آءِ جي جو صلاحڪار بڻجي سگهي ٿو. سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم جو اصل مسئلو انهن جي قيادت جو آهي، مصطفيٰ ڪمال پنهنجي پارٽي کي ڄاڻي ٿو. پي ٽي آءِ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته پي ٽي آءِ کي هاڻي ڪا به سهولت نه ملڻ واري آهي، هاڻي فارم 47 جي مطالبي تان پاڻ ئي پوئتي هٽي ويا آهن، نثار کهڙي چيو ته اسد قيصر پاڻ چيو هو ته جيڪڏهن 8 فيبروري تي نه نڪتا ته جمهوريت نه رهندي، هنن ڪالهه رڳو هڪ صوبو ڇڏيو آهي باقي صوبن مان ڪو نه ويو آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں