سڌ سماءَ واري سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ايم ڪيو ايم سربراهه خالد مقبول صديقي جي بيان تي رد عمل

ڪراچي (24 آگسٽ) سڌ سماءَ واري سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ايم ڪيو ايم سربراهه خالد مقبول صديقي جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو ته جڏهن 12-2011ع ۾ شهر جون 3 وڏيون اسپتالون صوبي جي حوالي ڪيون ويون ته سنڌ حڪومت انهن اسپتالن کي بهتر بڻائڻ ۽ مريضن جي سهولت لاءِ 157.733 ارب رپين جو بجٽ ڏنو. سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته خالد مقبول صديقي جڏهن به ڪراچي جي ترقي ۽ صحت جي سهولتن جي حوالي سان ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪري ته ان کي پهريان اسان کان ڊيٽا وٺڻ گهرجي ته جيئن هو اونداهيءَ ۾ تير هڻڻ بدران حقيقتن ۽ ڊيٽا کي بهتر نموني استعمال ڪري ته جيئن بهتر طريقي سان ڳالهائي سگهي. اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته جڏهن 12-2011ع ۾ جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (JPMC)، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊيزز (NICVD) ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ (NICH) جو جڏهن انتظام صوبي جي حوالي ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت کيس 1.377 بلين رپيا، 3 بلين رپيا ۽ 234 ملين رپيا جو بجيٽ ڏنو. هن چيو ته 12-2011 کان 24-2023 تائين صوبائي حڪومت جي پي ايم سي کي 76.536 ارب رپيا، اين آئي سي وي ڊي کي 62.905 بلين رپيا ۽ اين آءِ سي ايڇ کي 18.292 ارب رپيا جاري ڪيا. جڏهن ته گذريل 14 سالن ۾ صحت جي سهولتن جي حوالي سان گڏيل طور تي 157.733 بلين رپيا صحت جي شعبي ۾ خرچ ڪيا. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ملڪ جي عوام ۽ خاص ڪري ڪراچي شهر لاءِ هي واضح ڪوششن جو نتيجو آهي. هن چيو ته 21-2020 ۾ جڏهن ڪورونا وائرس تباهي مچائي ته ان وقت سنڌ حڪومت جي پي ايم سي کي 104 ملين رپيا جاري ڪيا جنهن سان جي پي ايم سي جي انتظاميان 90 بسترن تي ٻڌل ڪووڊ وارڊ تيار ڪيو ۽ 20-2021 ۾ ڪووڊ-19 جي علاج لاءِ ٻيهر 104 ملين رپيا جاري ڪيا. پيشنٽ ايڊ فائونڊيشن ۽ جي پي ايم سي سرجيڪل وارڊ جي سامان جي خريداري لاءِ 240 ملين رپين جي گرانٽ ان ايڊ جاري ڪئي وئي. صوبائي حڪومت 23-2022 ۾ سرجيڪل ڪمپليڪس جي پي ايم سي لاءِ ضروري سامان جي خريداري لاءِ وڌيڪ 588.5 ملين رپيا جاري ڪيا ۽ پيشنٽ ايڊ فائونڊيشن کي 340 ملين رپيا گرانٽ جاري ڪئي وئي. صوبائي حڪومت 23-2022 ۾ سرجيڪل ڪمپليڪس جي پي ايم سي لاءِ ضروري سامان جي خريداري لاءِ وڌيڪ 588.5 ملين رپيا جاري ڪيا ۽ پيشنٽ ايڊ فائونڊيشن کي 340 ملين رپين جي امداد جاري ڪئي وئي .24-2023 ۾ پيشنٽ اينڊ فائونڊيشن (پي اي ايف) جي امداد ۾ واڌ ڪري 640 ملين رپيا جاري ڪيا ويا. 24-2025 جي امداد جي فنڊ جي حوالي سان شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته جي پي ايم سي 532 بسترن تي ٻڌل 12 منزلا ميڊيڪل ڪامپليڪس جي سامان جي خريداريءَ لاءِ 2.137 بلين رپيا ڏنا. هن چيو ته پيشنٽ اينڊ فائونڊيشن کي وڌيڪ 640 ملين رپيا جاري ڪيا. سينيئر صوبائي وزير جو چوڻ هو ته 22-2021 کان 25-2024 تائين پيشنٽ اينڊ فائونڊيشن کي گڏيل طور تي 1.86ملين رپيا ڏئي چڪا آهيون، رقم ڏيڻ جو مقصد هن ڳالهه جو يقين ڏياريو ٿو ته اسان وٽ سموري ملڪ کان ايندڙ مريضن جو خيال رکڻ ۽ انهن کي بهترين سهولتون ڏيڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايم ڪي ايم قيادت سياسي طور تي گمراهه ۽ مايوس ٿي چڪي آهي جو ڪراچي جا ماڻهو انهن کي سمجهي چڪا آهن ۽ انهن جي ڳالهين ۾ اچڻ وارا ناهن. شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي جا ماڻهو پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت تي يقين رکن ٿا ۽ صوبائي حڪومت ترقاتي ڪمن لاءِ جيڪي ڪوششون ڪري ٿي انهن کي قبول ڪن ٿا. سنڌ حڪومت ڪراچي شهر ۾ امن امان کي برقرار رکندي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
=====================

اپنا تبصرہ بھیجیں