لاڙڪاڻو رينج پوليس جي ڪرائيم ڊيٽا رپورٽ موجب گذريل ٻن سالن دوران صرف ضلعو شڪارپور ۾ رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل آپريشن کي مثالي قرار ڏنو ويو، جتي ڏوهه ۽ اغوا براءِ تاوان جي سطح پهريون ڀيرو انتهائي گهٽ رپورٽ ٿي.

لاڙڪاڻو رپورٹ محمد عاشق پٹھان
لاڙڪاڻو رينج پوليس جي ڪرائيم ڊيٽا رپورٽ موجب گذريل ٻن سالن دوران صرف ضلعو شڪارپور ۾ رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل آپريشن کي مثالي قرار ڏنو ويو، جتي ڏوهه ۽ اغوا براءِ تاوان جي سطح پهريون ڀيرو انتهائي گهٽ رپورٽ ٿي. تفصيل موجب، گذريل ڇهن مهينن جي لاڙڪاڻو رينج پوليس جي رپورٽ موجب ڊويزن جي پنجن ضلعن ۾ ڇهن مهينن دوران 283 کان وڌيڪ ماڻهو قتل ۽ 312 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، جن مان 47 کي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو ويو.


جڏهن ته 15 کان 20 سالن جي عمر وارن 20 نوجوانن سان مبينا جنسي زيادتي جا واقعا به سامهون آيا.ان کان علاوه، 8 ٻارن سميت 18 ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو، جڏهن ته ڌاڙن جون 191 وارداتون رپورٽ ٿيون، جن ۾ 19 ڪارون ۽ 293 موٽرسائيڪلون ڦُٻايون يا چورايون ويون.ٻئي پاسي، ڇهن مهينن دوران 740 مبينا پوليس مقابلن ۾ ٻه ايس ايڇ او سميت ڏهه پوليس اهلڪار شهيد ۽ 24 سخت زخمي ٿيا.آءِ جي سنڌ موجب، لاڙڪاڻو رينج پوليس کي چار ارب روپين کان وڌيڪ جو هٿيار،

اي پي سي چينز، پوليس موبائيلز، جديد انفرااسٽرڪچر ۽ ٽيڪنالاجي سان ليس ڪيو ويو، تنهن باوجود رپورٽ ۾ ظاهر ٿيل انگ اکرن موجب صرف شڪارپور اهو ضلعو آهي جتي ڏوهن ۾ ڪافي گهٽتائي آئي آهي. شڪارپور، جيڪو ماضي ۾ اغوا براءِ تاوان جو مرڪز رهيو، هاڻي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اغوا براءِ تاوان جا ڪيس صفر رپورٽ ٿيا آهن.رينجرز ونگ ڪمانڊر ڪرنل هارون ۽ ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ جي نگراني هيٺ شڪارپور ڪچي ۾ آپريشن کي مثالي قرار ڏنو ويو آهي، جتي مستقل آپريشن ذريعي وڏن ڌاڙيل گينگز جي طاقت ختم ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب، انعام يافته وڏا گينگز جلد سرينڊر ڪندا، جنهن لاءِ حڪومتي سطح تي تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.

اپنا تبصرہ بھیجیں