
موهن جو دڙو:پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو…فٽيج
================
موهن جو دڙو…موهن جو دڙو ڀرسان ٽاٽڙي ريگيوليٽر وٽان آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف 3 ڪلاڪ نٽھڻ اس ۾ احتجاجي مظاهرو،ڌرڻو
موهن جو دڙو…آبادگار هارين ذوالفقار ٻگهيو علي اصغر ڪسر سائين پڃيل شاه متارو،عزيز احمد ٻگهيو،عرفان علي ٻگهيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
موهن جو دڙو…ايريگيشن کاتي جا عملدار ملي ڀڳت ڪري ٽاٽڙي ريگيوليٽر جا دروازا هٿرادو بند ڪري،هٿرادو پاڻي جي کوٽ ڪئي پاڻي نٿو ڏنو وڃي…احتجاج ڪندڙ آبادگار
موهن جو دڙو…ٽاٽڙي ريگيوليٽر جا عملدار رات جو بااثرن کان ڳري رشوت وٺي،پاڻي کپائن ٿا.اسان جون هزارين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي ويون آھن.اسان جو ٻيجارو سُڪي رهيو آھي.جيڪڏھن پاڻي نه ڏنو ويندو ٻيهر اسان احتجاج جو سڏ ڏينداسين…آبادگار


