
ٺٽو:ل(رپورٽ: علي گوهر قمبراڻي)
سجاول جي ضلعي چيئرمين دانش ملڪاڻي ۽ سندس چاچي امير بخش ملڪاڻي پنهنجي ماڻھن جي مدد سان اسانجي زمين تي قبضو ڪرائي واٽر ڪورس بند ڪرائي غير قانوني طور اسان جي ڪمند جو بيٺل فصل وڍرائي رهيا آھن آء جي سنڌ سميت لاڳاپيل ادارن کي اپيل آھي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسانکي تحفظ ڏياريو وڃي. اهڙو اظھار جاتي جي رهواسي زميندار عبدالغني هنڱورجو نيشنل پريس ڪلب ٺٽو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو هن چيو ته ڏوهاري قسم جي ماڻھن امير بخش ملاح رمضان ملاح زمان ملاح ايوب ملاح محمد کٽي ملاح ۽ ٻين منهنجي سروي زمين تي قبضو ڪري واٽر ڪورس لٽائي ويٺا جن خلاف جاچ ڪرائڻ بعد جاتي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو ويو پر بعد ۾ خبر پئي ته انھن قبضو ڪندڙ ماڻھن جو ڏوهاري رڪارڊ آھي جن تي جاتي ٿاڻي تي 6 کان مٿي مختلف ڏوهن جا ڪيس داخل ٿيل آھن هن وڌيڪ چيو ته اهڙيون حقيقتون سامهون اچڻ بعد سندن پُشت پناهي ڪندڙ ضلعي ڪائونسل سجاول جي چيئرمين دانش ملڪاڻي سندس چاچي امير بخش ملڪاڻي ۽ سئوٽ واحد بخش ملڪاڻي کي ڪورٽ جي ذريعي بيان ڏيئي زمين تي قبضي ۽ جهيڙو ڪري حراسان ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدار نامزد ڪرايو جن مان بااثر سياسي شخصيت دانش ملڪاڻي جي چاچي امير بخش ملڪاڻي جي گرفتاري جا وارنٽ پڻ جاري ٿيل آھن عبدالغني هنڱورجو وڌيڪ چيو ته سنڌ ھاء ڪورٽ ڪراچي ۾ سندس پاران داخل ڪرايل تحفظ واري پٽيشن تي سنڌ ھاء ڪورٽ جي سنگل بئنچ جي جسٽس ڪي ڪي آغا حڪم ڏيندي ٺٽي ۽ سجاول ضلعي جي پوليس انتظاميه ۽ ڊي آئي جي حيدرآباد کي مونکي تحفظ ڏيارڻ جي هدايت ڪئي آھي اسان کي عدالتن مان انصاف ملڻ جي اميد آھي. هن چيو ته بااثر شخصيتن دانش ملڪاڻي ۽ امير بخش ملڪاڻي جي ماڻھن اسانجي بيٺل ڪمند جي فصل تي قبضو ڪري هٿياربند بيهاري زبردستي ڪمند وڍرائي رهيا آھن ۽ علائقي ۾ خونريزي ڪرائڻ چاهين ٿا هن چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ آء جي سنڌ گهرو وزير ۽ مختلف قانون نافذ ڪندڙ ادارن کي اپيل ڪئي آھي ته کيس تحفظ ڏياريو وڃي ۽ مذڪوره بااثر سياسي شخصيتن ۽ سندن ڏوهاري قسم جي ماڻھن خلاف ڪارروائي ڪري اسانجي زمين تان سندن ناجائز قبضو ختم ڪرايو وڃي.
Load/Hide Comments


