تحريڪ انصاف پاران وفاق، پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ حڪومت ٺاهڻ جو اعلان

تحريڪ انصاف پاران وفاق، پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ حڪومت ٺاهڻ جو اعلان
تحريڪ انصاف وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ جيتري اڪثريت حاصل ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي وفاق، پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ حڪومتون ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي

پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر خان چيو ته اسان جي جماعت جا حمايت يافته اميدوار 170 تڪن تي ڪامياب ٿي چڪا آهن، اسان کي وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ جيتري عددي اڪثريت حاصل ٿي چڪي آهي

هن چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي ۾ به اسان حڪومت ٺاهينداسين، اڪثريت هئڻ سبب اسان کي حڪومت ٺاهڻ جو موقعو ڏنو وڃي، اسان جي راهه ۾ رنڊڪون نه وڌيون وڃن

رهيل نتيجا به جلد جاري ڪيا وڃن، جن آر اوز نتيجا جاري نه ڪيا آهن انهن جي آفيسز آڏو سڀاڻي پرامن احتجاج ڪيو ويندو

TAGStop_stories

اپنا تبصرہ بھیجیں