ٽي ڀيرا ناڪام رهندڙ شخص کي چوٿون ڀيرو ملڪ تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي:بلاول

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٽي ڀيرا ناڪام رهندڙ شخص کي چوٿون ڀيرو ملڪ تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پاڪستان جو عوام ان فيصلي کي نه ٿو مڃي

ڊيرا مراد جمالي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته بلوچستان مان بيهي اسلام آباد کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته اسان ناڪام ترين شخص کي چوٿون ڀيرو ملڪ تي مسلط ٿيڻ نه ڏينداسين

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو عوام ان شخص کي پنهنجو حقيقي نمائندو نه ٿو مڃي، جنهن کي اوهان چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو

بن چيو ته اسان 8 فيبروري تي پنهنجا حق ڇني عوامي حڪومت ٺاهينداسين، پاڪستاني عوام ڪنهن جو غلام ناهي،اسلام آباد ۾ ويٺل حڪمرانن مان عوام خوش ناهي، پرڏيهي سطح تي پاڪستان خلاف سازشون ٿي رهيون آهن

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ معاشي بحران سان گڏ دهشتگردي به ڪر کڻي چڪي آهي، پي ٽي آءِ جو باب هميشه لاءِ ختم ٿي ويو، هاڻي اليڪشن جي ميدان ۾ رڳو پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ بچيون آهن، عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته کيس نئين سياست گهرجي يا پراڻي سياست، عوام ٻڌائي ته هي ڪهڙو شينهن آهي، جيڪو پنهنجي گهر ۾ لڪيل آهي

هن چيو ته لڪي ويهي رهڻ ته بزدلن جو ڪم آهي، ڪاغذي شينهن عوام جي وچ ۾ اچڻ کان ڊڄي رهيو آهي، لاهور مان به اليڪشن وڙهي رهيو آهيان، سندس ئي گهر ۾گهڙي تير سان شينهن جو شڪار ڪندس

TAGSbreaking_news

https://www.youtube.com/watch?v=ak0DHASC

اپنا تبصرہ بھیجیں