سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ يوم عاشور جي مرڪزي جلوس جي اڳواڻي ڪرڻ کانپوءِ حيدرآباد ۾ امام بارگاهه مولا علي جي ماتمي جلوس ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان جلوس جو فضائي جائزو پڻ ورتو.


ڪراچي (17 جولاءِ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ يوم عاشور جي مرڪزي جلوس جي اڳواڻي ڪرڻ کانپوءِ حيدرآباد ۾ امام بارگاهه مولا علي جي ماتمي جلوس ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان جلوس جو فضائي جائزو پڻ ورتو. وڏو وزير اربع جي صبح گهرو وزير ضياءَ لنجار، مڪاني ادارن وارو وزير سعيد غني، ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب، پيپلز پارٽي جو اڳواڻ وقار مهدي ۽ ٻين سان گڏ نمائش تي پهتو جتي هنن نه رڳو يوم عاشور جي جلوس جي اڳواڻي ڪئي پر ماتمي ايسوسي ايشن ڪئمپ جو دورو پڻ ڪيو ۽ حڪومتي انتظامن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان بعد وڏو وزير صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار سان گڏ حيدرآباد روانو ٿيو جتي هن امام بارگاهه مولا علي تائين جلوس جي اڳواڻي ڪئي ۽ ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو دورو ڪري مانيٽرنگ سسٽم جو معائنو ڪيو. وڏي وزير ڪراچي ۾ يوم عاشور جي جلوس جو فضائي جائزو پڻ ورتو ۽ وڏي وزير جو سي پي او ڪراچي پهچڻ تي انسپيڪٽر جنرل پوليس غلام نبي ميمڻ سندس استقبال ڪيو. وڏي وزير سي پي او ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر کان عاشورا جي جلوس جي مانيٽرنگ سسٽم جو معائنو ڪيو. آءِ جي پوليس وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته جلوس جي سڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ مختلف هنڌن تي 350 کان وڌيڪ ڪئميرائون لڳايون ويون آهن. وڏي وزير آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته هو ماتمي جلوسن جي پڄاڻي ۽ عوام جي گهرن واپسي تائين سڪيورٽي انتظامات جاري رکي. ميڊيا گفتگو: حيدرآباد: هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته ڪابه سياسي پارٽي رڳو ووٽ حاصل ڪرڻ ۽ سيٽون کٽڻ لاءِ نه هوندي آهي پر ان کي سياسي اصولن تي عمل ڪرڻو پوندو آهي. پي ٽي آءِ کي پنهنجي ڪردار جو جائزو وٺڻ گهرجي ته اها سياسي رويو ڏيکاري رهي آهي يا نه؟ مراد علي شاهه چيو ته پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ لاءِ اسان سان صلاح نه ڪئي وئي پر حقيقت اها آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ڪڏهن به ڪنهن سياسي پارٽي تي پابندي لڳائڻ جي حق ۾ ناهي رهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گهر ٺاهي رهي آهي جن مان 15 لک گهر مڪمل ٿي چڪا آهن جڏهن ته 6 لک تعمير هيٺ آهن. مراد علي شاهه چيو ته ڪوشش آهي ته ٻوڏ متاثرن لاءِ سڀ کان وڏو هائوسنگ منصوبو ڊسمبر 2025ع تائين مڪمل ڪيو وڃي. ڪراچي: ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جي لهر پيدا ٿي وئي آهي جنهن سبب يوم عاشور تي ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کان بچڻ لاءِ سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا آهن.
عبدالرشيد چنا
ميڊيا ڪنسلٽنٽ، وزيراعليٰ سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں