
لاڙڪاڻو رپورٹ محمد عاشق پٹھان
ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو جو عام رواجي اجلاس ميئر ايڊووڪيٽ انور علي لهر صاحب جي زير صدارت ميونسپل آفيس جي ڪانفرنس هال ۾ ٿيو

اجلاس ۾ ميونسپل ڪمشنر ڊاڪٽر جاويد انور عباسي سميت ڪائونسل ميمبرن نعيم احمد تنیو،محمد قاسم،ڪمالان ٻرڙو،غلام نبي ڀٽو،عطا محمد، سعيد سومرو، عبدالحفيط سامٽيو،ڪاشف عمراڻي،بابر ابڙو،آمنہ جمالي،شير محمد لغاري،شاهزيب ابڙو،محمد اسلم مغيري،زينت ڀٽو،نصرت پٺاڻ،سمرن خان،ساجد ڊومڪي،ذوالفقار بروهي سميت ميونسپل آفيسرن شرڪت ڪئي

لاڙڪاڻو شهر ۾ چنگچي رڪشا جي آزار کي گهٽائڻ ۽ رجسٽريشن ڪرڻ، پلاسٽڪ ٿيلهين جي استعمال تي پابندي تي عملدرآمد ڪرائڻ،شهر ۾ موجود ميونسپل جي ملڪيتن کي رجسٽرڊ ڪري ٽئڪس اوڳاڙي ڪرڻ،شهر جي مين نالن جي ڊي سلٽنگ ڪري سليب لڳائڻ،شهر ۾ ووڻ لڳائڻ جي مهم ۾ تيزي آڻڻ،ميونسپل ملازمن جي سينارٽي لسٽ ٺاهي پروموشن ڏيڻ،ڪائونسل ميمبرن کي علائقن ۾ اسٽريٽ لائيٽنگ ڪرڻ لاءِ سيور فراهم ڪرڻ،محرم الحرام دوران ماتمي جلوس جي روٽن ۽ امام بارگاهن تي صفائي سٿرائي، لائيٽنگ ڪرائي،
شهر ۾ سبيل، هيٽ ويو ۽ طبي ڪئمپون قائم ڪرڻ عورتن ۾ نلڪا،سولر پليٽون،سلائي مشينون تقسيم ڪرڻ،ڪتا مار مهم، جناح باغ ۾ ترقياتي ڪم، شهر توڙي وومن لائبريري ۾ ٿڌي پاڻي جا ڪولر نصب ڪرڻ،ڊسپوزلز تي اليڪٽرڪ مشينن جي اپگريڊيشن،گرين بيلٽن تي ڊبل بورنگ موٽر ۽ خوبصورتي ۾ اضافي لا۽ ڪم ڪرڻ جهڙيون رٿائون پيش ڪيون ويون

ايوان ۾ موجود ميمبرن پاران پيش ڪيل رٿائون متفقه طور تي اڪثريتي را۽ سان منظور ڪيون ويون


