
ٺٽو(رپورٽ علي گوهر قمبراڻي) ڪوھستان راڄوڻي اتحاد پاران جھمپير لڳ ڪوھستاني ڳوٺ صوفن جاکرو سميت تعلقي ٺٽي جي ڪوھستاني قديمي وسندين تي ٿيل قبضن، ڪوھستان جي قيمتي زمينن جي غيرقانوني وڪري، ٻاھرين ماڻھن جي نالي جعلسازي ڪري ٺاھيل روينيو رڪارڊ توڙي ٻاھرين ماڻھن جا ڪيل کاتا رد ڪري، ڌارين آبادڪاري کي ٻنجو ڏيئي، ڪوھستاني زمينن تي ٿيندڙ والارن توڙي تاريخي ماڳ مڪانن، جبلن تي ٿيل قبضا خالي ڪرائي ڪوھستان ۾ کلي ڪچھرين واري سسٽم کي بحال ڪري قديمي ڳوٺن ۽ وسندين کي پڪو ڪري مقامي رھواسين کي مالڪاڻن حقن جي حاصلات لاء جھمپير کان ھزارين ڪوھستان واسين جي ھڪ وڏي احتجاجي ريلي لانگ مارچ ڪوھستان راڄوڻي اتحاد جي سرواڻ ڊاڪٽر لکمير خان پالاري، محمد بخش بروھي، شاھ محمد چانگ، حاجي حسين پالاري، انور پالاري، ڪوھستاني انور جاکرو، قادر جاکرو، جان محمد جاکرو، جاجي عثمان جاکرو جي اڳواڻي ۾ ڪري ڊي سي آفيس مڪلي ٺٽو اڳيان پھتا، جتي مظاھرين ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي، جنھن ۾ ڪوھستان واسين سان گڏ پ پ پ شھيد ڀٽو، عوامي تحريڪ، فنڪشنل ليگ، جماعت اسلامي، قومي عوامي تحريڪ، سنڌ ملاح فورم، سنڌ ڪلچرل فورم سميت مختلف سياسي، سماجي، قومپرست ڌرين جي اڳواڻن ۽ ڪوھستان جي متاثر ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي ڪوھستان راڄوڻي اتحاد جي سروان KDF جي چيئرمين ڊاڪٽر لکمير خان پالاري، ڊاڪٽر امتياز پالاري، محمد بخش بروھي، حاجي حسين پالاري، شاھ محمد چانگ، غلام رسول شورو، انور پالاري، شاھنواز بروھي، بابو احسان ڀٽو، شبير ڀٽي، جان محمد جاکرو، ڪوھستاني انور جاکرو، قادر جاکرو، صادق لاکو، حاجي عثمان جاکرو ۽ بين چيو تہ ھر دور ۾ ڪوھستان واسين کي نظر انداز ڪري ساڻن وڏيون ويساھ گھاتيون ڪرڻ سميت ھاڻي تہ سندن ملڪيتن تي بہ قبضا ڪري کين بيدخل ڪري مٿن حملا ڪري کين زخمي ڪرڻ سميت کين نقصان جون ڌمڪيون ڏيئي مٿن ھٿن ٺوڪيا ڪيس داخل ڪرائي خاموش رھڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، پر ڪوھستان واسين سان ايتريون ٿيندڙ ناانصافيون ڪنھن کي بہ نظر نٿيون اچن، ھنن چيو تہ ڌاٻيچي کان لوڻي ڪوٽ ۽ گڏاپ کان رني ڪوٽ تائين لکين ڪوهستان واسين جو مستقبل بہ داءُ تي لڳل آھي، جنکي نہ پنھنجي زمينن جا مالڪاڻه حق ٿا ملن ۽ نہ ئي سندن ڳوٺ پڪا ٿي سگھيا اھن، ڊاڪٽر لکمير پالاري چيو تہ ڪوھستاني ڳوٺ صوفن جاکرو جي رھواسين جي زمينن تي بہ بااثر ماڻھن پاران قبضا ڪري پنھنجا ھٿياربند ماڻھون ويھاري ڳوٺاڻن تي حملا ڪري انھن کي زخمي ڪيو ويو اھي، جن جو ڪير بہ داد فرياد بڌڻ وارو ناھي، ان کانسواء ڪوھستان ست ڀاڱي ھڪ ۾ روينيو کاتي جي عملدارن رشوت جي بازار گرم ڪندي رڳو ٻاھرين ماڻھن جا ڪوڙا کاتا رشوت عيوض ٺاھي مقامي ماڻھن جي حقن تي ڌاڙا ھڻي مقامي رھواسين کان 2 لک روپيہ في ايڪڙ زمين ري رائيٽ جا روينيو کاتي جي عملدارن پاران طلب ڪيا پيا وڃن، جيڪا ڪوھستان واسين سان وڏي ناانصافي اھي، ھنن چيو تہ ڪوھستاني پٽي ۾ قائم ملڪي توڙي غير ملڪي ڪمپنين ۾ مقامي ماڻھن کي روزگار بہ نٿو ملي ۽ نہ ئي ھنن جيڪي ڪوھستان واسين کي سھولتون ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي ھئي، ان تي ڪو عمل ٿي سگھيو آھي، ڪوھستان واسي بيروزگاري سبب سخت تنگدستي واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آھن، جن کي پيئڻ جو صاف پاڻي، صحت، تعليم، روڊ، رستي، بجلي، سوئي گئس سميت ڪابہ بنيادي سھوليت ميسر ناھي ۽ نہ ئي ٺٽو کان وايا جھمپير لنڪ روڊ نئين سر تعمير ٿي سگھيو اھي، جھمپير واسي جھرڪ کان وڏو خرچ ۽ چڪر ڪاٽي ٺٽي وڃڻ تي مجبور بڻيل آھن. ھن چيو تہ هڪ گھري سازش تحت ڪوھستان واسين کان ماڳ مڪان ۽ زمينون کسجن پيون. پر انتظاميہ ۽ چونڊيل نمائندہ بہ خاموش بڻجي بيوس بڻيل نظر ٿا اچن، پر اسان ڪوھستان واسين سان ٿيندڙ اھڙين ناانصافين تي ھرگز نہ خاموش ويھنداسين ۽ نہ ئي پنھنجي ماڳ مڪانن تي کين قابض ٿيڻ ڏينداسين، ھنن گھر ڪئي تہ ڪوھستاني ڳوٺ صوفن جاکرو جي ڳوٺاڻن جي زمينن سميت سمورن ڪوھستان واسين جي زمينن، ماڳ، مڪانن تي ٿيل غير قانوني قبضا توڙي والارون ختم ڪرائي ڪوھستان واسين جا ڳوٺ پڪا ڪري کين سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪري کين جيئڻ جو حق ڏيئي، ڌارين ابادڪاري کي ڀنجو ڏيئي، ٻاھرين ماڻھن جا ٿيل کاتا رد ڪري، مقامي ماڻھن جا کاتا بحال ڪرڻ سميت بااثر قبضاگير توڙي انھن جي ساٿارين خلاف سخت ڪاروائي ڪري ٺٽو وايا جھمپير روڊ جي نئين سر تعمير ڪرائي جھمپير واسين کي سفري سھولتون مھيا ڪيون وڃن، ٻئي صورت ۾ سمورن مسئلن جي حل تائين سندن جدوجھد جاري رکي راء عمل جوڙي مسئلا حل نہ ٿيڻ جي صورت ۾ ايم نائين روڊ کي بند ڪنداسين.
=============================
Load/Hide Comments


