سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مري پاران نيوٽريشنل ٿراپي ڪلينڪ ۽ بيڪري اينڊ ڪنفيڪشنري آئٽمز ليبارٽري جو افتتاح


ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف بايو ڪيمسٽري ۾ گذريل ڏينهن هڪ خاص تقريب دوران ٻه اهم منصوبا — نيوٽريشنل ٿراپي ڪلينڪ ۽ بيڪري اينڊ ڪنفيڪشنري آئٽمز ليبارٽري جو باقاعدي طور افتتاح ڪيو ويو. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري تقريب جي صدارت ڪئي، جنھن ان موقعي کي يادگار بنائڻ لاءِ هڪ ٻوٽو پڻ پوکيو. بعد ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مريءَ ٻنهي منصوبن نيوٽريشنل ٿراپي ڪلينڪ ۽ بيڪري اينڊ ڪنفيڪشنري آئٽمز ليبارٽري جو افتتاح ڪيو. افتتاح بعد کيس ۽ مهمانن کي ڄاڻايل ٻنھي منصوبن جي مقصدن، اسڪوپ ۽ مستقبل جي رٿائن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران وي سي ۽ مهمانن کي ٻڌايو ويو ته انسٽيٽيوٽ طرفان جلد اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ مفت نيوٽريشنل ٿراپي ڪيمپون لڳايون وينديون، جن جو مقصد شاگردن کي انٽرن شپ دوران عملي تجربو مهيا ڪرڻ سان گڏ غذائيت ۽ صحت شعبي ۾ روزگار جا نوان رستا کولي ڏيڻ آهي. حيدرآباد جي نامياري ادارن مان غذائيت ماهرن ڊاڪٽر لاريب (ھاشم اسپتال)، ڊاڪٽر خديجا شاهه (مان جي اسپتال) ۽ ڊاڪٽر زينب (نيسلي) پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. هنن سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن لاءِ انٽرن شپ موقعا ۽ پروفيشنل ٽريننگ مهيا ڪرڻ جو واعدو ڪيو. انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر افشين شاهه وائيس چانسلر کي آگاهه ڪيو ته نئين قائم ڪيل بيڪري اينڊ ڪنفيڪشنري آئٽمز ليبارٽري شاگردن لاءِ پروفيشنل سکيا جو اهم مرڪز ثابت ٿيندي، جتي هو ڊائٽري ۽ ٿراپيٽڪ بيڪري شين جي تياري سان گڏ غذائي ترڪيبون پڻ سکندا، جيڪو سندن عملي مهارتن ۾ نمايان اضافو ڪندو. ان موقعي تي پي وي سي مين ڪيمپس پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه، پي وي سي سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪيمپس پروفيسر ڊاڪٽر مصباح بيبي قريشي، فئڪلٽي آف نيچرل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر ناهيد ڪاڪا، نوشهرو فيروز ڪيمپس جي فوڪل پرسن پروفيسر ڊاڪٽر انيلا سومرو، فزيڪل هيلٿ ايجوڪيشن جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر سونيھا، ڊپارٽمينٽ آف فشريز اينڊ ايڪوئٽڪ سائنس پروفيسر خالد لاشاري، ايشيئن انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز حيدرآباد جي هيڊ پروفيسر ڊاڪٽر صديق ميمڻ، پروفيسر ڊاڪٽر سجو مل، ڊاڪٽر جمشيد وارثي، ڊاڪٽر حميره ھڪرو، ڊاڪٽر رفعت سلطانه، ڊاڪٽر محمد علي ميمڻ، ڊاڪٽر محمد علي نظاماڻي، سبين نعيم ۽ ٻين ڪيترن ئي شخصيتن شرڪت ڪئي.
مهمانن کي بيڪري اينڊ ڪنفيڪشنري آئٽمز ليبارٽري ۾ تربيت حاصل ڪندڙ شاگردن طرفان تيار ڪيل ڪيڪ ۽ ڪڪيز پيش ڪيا ويا، جيڪي وائيس چانسلر، استادن، شاگردن ۽ سڀني مهمانن کي تمام گهڻا وڻيا.”

اپنا تبصرہ بھیجیں