محترمه شهيد بينظير ڀٽو رڳو هڪ سياستدان نه، پر هڪ نظريو هئي، وڏو وزير فخر آهي منهنجي سياسي سکيا شهيد بينظير جي اڳواڻي ۾ ٿي، سيد مراد علي شاهه

محترمه شهيد بينظير ڀٽو رڳو هڪ سياستدان نه، پر هڪ نظريو هئي، وڏو وزير

فخر آهي منهنجي سياسي سکيا شهيد بينظير جي اڳواڻي ۾ ٿي، سيد مراد علي شاهه

اڄ عوامي ڀلائي، صحت، تعليم ۽ اتحاد جي واعدي جي تجديد جو ڏينهن آهي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 72 هين جنم ڏينهن تي پيغام

ڪراچي (21 جون 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آھي ته محترمه بينظير ڀٽو رڳو سياستدان نه، پر هڪ نظريو، جدوجهد ۽ اُميد هئي. اھا ڳالھھ ھن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 72هين جنم ڏينھن جي مناسبت سان وزيراعليٰ ھائوس مان سندس جاري پيغام ۾ ڪئي. وڏي وزير چيو آهي ته اڄ عظيم اڳواڻ، قائدِ جمهوريت شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو جنم ڏينهن آهي. محترمه بينظير ڀٽو رڳو سياستدان نه، پر هڪ نظريو، جدوجهد، ۽ اُميد هئي. سيد مراد علي شاهه چيو ته کيس فخر آهي ته سندس سياسي تربيت محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي رھنمائيءَ ۾ ٿي. وڏي وزير چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي ملڪ ۾ جمهوريت بحال ڪرائي. ھن چيو ته پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم جو شروعات محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي نياڻيءَ آصفه ڀٽو کي ڦڙا پياري ڪيو. اڄ اسان کي سندس اڳواڻي، قربانين ۽ مشن کي ياد ڪرڻ ۽ جاري رکڻ کي ورجائڻ جو ڏينھن آھي. وڏي وزير پڪو پهه ڪندي چيو ته اسان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مشن کي جاري رکنداسين، سندس خواب هڪ ترقي يافته، بااختيار ۽ جمهوري پاڪستان هو. هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو جي سالگرهه رڳو جشن جو ڏينهن ناھي، پر عوامي ڀلائي، صحت، تعليم ۽ اتحاد جي واعدي جي تجديد جو ڏينهن آهي. انھيءَ کان پوءِ سنڌ اسمبليءَ ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي فيصلو ڪيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سالگرهه هر ضلعي سطح تي ملھائي ويندي. وڏي وزير چيو ته اڄ سڄي ملڪ ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي سالگرهه عقيدت ۽ احترام سان ملھائي پئي وڃي، جڏهن ته سنڌ اسمبليءَ ۾ به سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويندو.
عبدالرشيد چنا
ترجمان وزيراعليٰ سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں