“SPSC لیکچرر جي بھرتي لاءِ ڪمپيوٽر بيڪڊ ٽيسٽ ذريعي شفافيت جو نئون معيار قائم ڪيو”

حيدرآباد، 5 آگسٽ 2025 – سنڌ پبلڪ سروس ڪميسن (SPSC) پنهنجي بھرتي جي عمل ۾ ميرٽ، شفافيت ۽ غيرجانبداري کي هميشه ترجيح ڏني آهي. هن جو هڪ وڏو مثال 4 آگسٽ 2025 تي ڪمپيوٽر بيڪڊ ٽيسٽ (CBT) جو ڪامياب انعقاد آهي، جيڪو ڊجيٽل گورننس جي طرف هڪ وڏي قدم آهي.

CBT سسٽم جو افتتاح محتشم وزيراعليٰ سنڌ، مراد علي شاهه طرفان 17 جولاءِ 2025 تي SPSC هيڊ آفيس، حيدرآباد ۾ ڪيو ويو هو. هي قدم SPSC جي بھرتي جي عمل کي جديد بنائڻ ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو عڪس آهي.

هڪ وڏي ڪاميابي ۾، SPSC صوبائي انسٽيٽيوٽ آف ٽيچر ايجوڪيشن (PITE) هيٺ ليڪچرار (BPS-17) جي عهدن (بائيالاجي، پاڪستان اسٽڊيز ۽ اسلامڪ اسٽڊيز) لاءِ ٽن مختلف ڪمپيوٽر بيڪڊ ٽيسٽ ڪرايائين. مڪمل عمل سولائي، مؤثر طريقي ۽ محفوظ ماحول ۾ مڪمل ٿيو، جنهن ۾ سڀني اميدوارن کي برابري جو موقعو ڏنو ويو. قابل ذڪر ڳالهه اها آهي ته ليڪچرار (بائيالاجي) (BPS-17) جا نتيجا ٽيسٽ جي فوري بعد ئي 4 آگسٽ 2025 جي پريس ريليز مطابق اعلان ڪري ڏنا ويا.

نتيجن جي فوري اشاعت SPSC جي اقربا پروري، جانبدارانه رويي ۽ بدعنواني جي سڀني دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڪمپيوٽر بيڪڊ ٽيسٽنگ (CBT) جو آغاز SPSC جي ڊجيٽل تبديلي ۽ شفافيت جي ايڊنڊا جو هڪ اهم حصو آهي.

اميدوارن هن قدم جي تعريف ڪندي SPSC جي شفافيت، دير جي خاتمي ۽ ڊجيٽل اختراع ذريعي سھولت مهيا ڪرڻ جي ڪوششن کي سراهيو. CBT صرف هڪ ٽيڪنيڪل اپ گريڊ نه آهي، پر SPSC جي سٺي حڪمراني ۽ ميرٽ تي ٻڌل بھرتي جي اصولن جي پابندي جو هڪ واضع اعلان آهي.

چيئرمين SPSC ۽ ڪميسن جي قيادت هن ڪاميابي پٺيان محنت ڪندڙ ٽيم جو دلجيڪو شکريو ادا ڪيو ۽ ايندڙ امتحانن ۾ CBT کي وڌائڻ جي عزم جو اعادو ڪيو، ته جيئن بھرتي جو عمل تيز، منصفاڻو ۽ وڌيڪ قابل اعتماد ٿي سگهي.

اهو سنگ ميل SPSC کي سنڌ ۾ سرڪاري شعبي جي اصلاحن ۽ ڊجيٽلائزيشن ۾ هڪ اڳواڻ طور مستحڪم ڪري ٿو، جيڪو ٻين ادارن لاءِ به مثال قائم ڪري ٿو.

اپنا تبصرہ بھیجیں